ملڪ بچائڻ لاءِ حڪمرانن کي وڌيڪ مهلت نه ٿا ڏئي سگهون: فضل الرحمان

اسلام آباد:- جمعيت علماءِ اسلام جي آزادي مارچ کي هفتو مڪمل، ڌرڻي جاري رکڻ جو اعلان، حڪمرانن کي وڌيڪ وقت نه ٿا ڏئي سگهون: مولانا فضل الرحمان، حڪومتي ڪميٽي جي ميمبر پرويز الاهي جون مولانا فضل الرحمان سان 24 ڪلاڪن ۾ ٽي ملاقاتون خبر موجب جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي قيادت ۾ آزادي مارچ کي هفتو مڪمل ٿي ويو، ٿڌ باجوجود به ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهو ايڇ نائين گرائونڊ ۾ موجود آهن، ڌرڻي کي خطاب ڪندي جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن هڪ ٻي بجيٽ نااهل حڪومت پيش ڪئي ته پاڪستان معاشي طور تي ويهي رهندي. مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته منهنجي تڪليف ڏيندڙ مرحلو هو جڏهن ڪارڪن برسات ۾ پسي رهيا هئا. برسات ۾ ڪارڪنن جي استقامت کي سلام پيش ڪريان ٿو، هي برسات حڪمرانن جي لاءِ به هڪ پيغام هئي ته اهو اجتماع تماشو ڏسندڙن جو اجتماع ناهي، ايندڙ امتحانن کي به انهيءَ استقامت سان عبور ڪنداسين.موجوده حڪمرانن کي هڪ ڏينهن به برداشت نٿا ڪري سگهون، ناڪام حڪومت کي ڪيرائڻ جي لاءِ اسان اها سختي برداشت ڪري رهيا آهيون. اسان اهڙي طرح ئي ڄميل رهياسين ته يقيني طور تي ڪامياب ٿينداسين، 12 ربيع الاول کي ان اجتماع کي سيرت طيبه ڪانفرنس ۾ تبديل ڪري ڇڏينداسين.مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته نااهل حڪمران هڪ سال ۾ 3 بجيٽ پيش ڪري محصولات جو هدف حاصل نه ڪري سگهيا، جيڪڏهن هڪ ٻيو بجيٽ ان نااهلن پيش ڪيو ته پاڪستان معاشي طور تي ويهي رهندو، پاڪستان اڳوڻي سوويت يونين جي مقابلي ۾ وڏو ملڪ ناهي، افغانستان جهاد ۾ سوويت يونين اقتصادي ناڪامي جي ڪري ٽٽي ويو. جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته 9 نومبر تي شاعر مشرق علامه محمد اقبال جو يوم پيدائش آهي، انهيءَ ڏينهن تي ڪرتارپور ڪوريڊور جو افتتاح ڪيو پيو وڃي، حج تي خرچو 5 لک رپيا ڪيو ويو آهي ۽ سکن جي لاءِ پاڪستان ۾ انٽري مفت ٿيندي. ڇا اسان ايندڙ اهو ڏينهن اقبال ڊي جي بدران رنجيت سنگهه ۽ بابا نانڪ جي ڏينهن طور ته نه ملهائينداسين.مولانا فضل الرحمان چيو ته افغانستان ۾ سفارتي عملي سان خراب سلوڪ تي پرڏيهي وزارت خاموش ڇو آهي، ڪهڙي طرح ماڻهو ٻاهر وڃي ملڪ جي خدمت ڪندا؟مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته چيو ويو ته حڪومت کان نوڪري جي اميد نه لڳايو، 400 ادارن کي ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي، ان سان هزارين ماڻهو بيروزگار ٿي رهيا آهن، هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ وارو ڪوڙو واعدو ڇو ڪيو ويو؟ 50 لک گهر ٺاهڻ جي ڳالهه ڪري 50 لک گهر ڪيرائي ڇڏيا آهن. ٻئي پاسي حڪومتي ڪميٽي جي ميمبر ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڌرڻي جي خاتمي جي حوالي سان لائحه عمل، آزادي مارچ ۽ حڪومت توڙي اپوزيشن ۾ ڳالهين جي حوالي سان مشاورت ڪئي وئي. خيال رهي ته ٻنهي اڳواڻن ۾ 24 ڪلاڪن اندر 3 ڀيرا ملاقاتون ڪيون ويون، پر ڪو به نتيجو سامهون نه اچي سگهيو. ان سلسلي ۾ چوڌري پرويز الاهي جو چوڻ هو ته هاڪاري اڳڀرائي ٿي رهي آهي، ڪيتريون ئي شيون گڏوگڏ هلي رهيون آهن، ٿوري صبر ۽ محنت جي ضرورت آهي، محنت ان لاءِ ٿي رهيو آهي ته هاڪاري طريقي سان معاملن کي منطقي انجام تائين پهچن، هن چيو ته اسانجي مقصد کي ڪاميابي ملندي پر وقت لڳندو، حڪومتي مذاڪراتي ڪميٽي پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي کي مولانا فضل الرحمان سان ڳالهه ٻولهه جو مڪمل اختيار ڏئي ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ آزادي مارچ جي خاتمي جي لاءِ حڪومتي مذاڪراتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. جنهن ۾ مولانا فضل الرحمان ۽ رهبر ڪميٽي سان ٿيندڙ ڳالهين تي صلاح مشورو ٿيو. مذاڪراتي ڪميٽي پرويز الاهي کي فضل الرحمان سان ڳالهه ٻولهه جو مڪمل اختيار ڏئي ڇڏيو آهي.