ملٽي نيشنل ڪمپني ۾ مسلسل 20 سال ملازمت ڪندڙ سهراب ڳوٺ واسي غلام رسول نظاماڻي جي فوت ٿي وڃڻ بعد سندس پوئنر فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور

ڪڙيوگهنور :- ملٽي نيشنل ڪمپني ۾ مسلسل 20 سال ملازمت ڪندڙ سهراب ڳوٺ واسي غلام رسول نظاماڻي جي فوت ٿي وڃڻ بعد سندس پوئنر فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. مسلسل ڪمپني توڙي وس وارن کان مدد جي اپيل ڪرڻ باوجود کين ڪٿان به مدد نه ٿي سگهي. مرحوم غلام رسول جي ڌيءُ ڪرن نظاماڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندس والد اي يو اي ڪمپني جي ملازمت دوران ڦڦڙن جي ڪينسر جو شڪار ٿي ويو ڊاڪٽرن کيس ڪم کان روڪيو به هو جنهن بعد بيماري جي بستري تي ڪري پيو. ڪمپني توڙي وس وارن کي واهر جي اپيل ڪئي پر ڪنهن به مدد نه ڪئي نيٺ هنن قرض کڻي پيءُ جو علاج ڪرايو پر هو فوت ٿي ويو. هنن چيو ته لاڪ ڊائون ۾ امداد کان وٺي ڪنهن به حوالي سان ڪابه مدد نه ڪئي. هن چيو ته ڪيميسٽري ڊپارٽمينٽ يونيورسٽي آف ڄامشورو ۾ سيڪينڊ ايئر ڪليئر ڪيو آهي وڌيڪ خرچ نه هئڻ ڪري سندس ڀائرن جي به تعليم متاثر ٿي رهي آهي. هنن سنڌ حڪومت، ملٽي نيشنل ڪمپني توڙي ٻين وس وارن کان مدد جي اپيل ڪئي.