ملٽري ڪورٽ عذير بلوچ کي 12 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

ڪراچي :- ملٽري ڪورٽ لياري امن ڪميٽي جي اڳوڻي سربراهه عذير بلوچ کي 12 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، لياري امن ڪميٽي جي اڳوڻي سربراهه عذير بلوچ کي ملٽري ڪورٽ ۾ پيش ڪيو، عذير بلوچ کي ملڪ سان غداري جي الزام سبب 12 سالن جي سزا ٻڌائي ڇڏي، سزا ٻڌائڻ کانپوءِ عذير بلوچ کي سينٽرل جيل ڪراچي منتقل ڪيو ويو.عذير بلوچ تي ارشد پپو سميت ٻين ڪيسن ۾ ٻڌڻيون هلندڙ آهن.