مليشيا لاءِ بُڪُ ڪرايل جوتن مان 180 گرام حشيش هٿ ڪري ورتي

ڪراچي :- اي اين ايف جي ٽيم ڪلفٽن واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري مليشيا لاءِ بُڪُ ڪرايل جوتن مان 180 گرام حشيش هٿ ڪري ورتي. اي اين ايف جي اختيارين موجب ڳجهي اطلاع تي نجي ڪمپني جي ڪوريئر آفيس تي ڪيل ڪارروائي دوران 180 گرام حشيش هٿ ڪئي وئي جيڪا مليشيا موڪلي پئي وڃي. ڪارروائي دوران بوٽن کي کوليو ويو ته انتهائي مهارت سان بوٽن ۾ حشيش لڪائي وئي هئي. جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.