ملير ۾ انڊيجينيس الائنس پاران بحريا ٽائون جي غيرقانوني قبضن خلاف جدوجهد جو اعلان

ملير :- انڊيجينيس رائٽس الائنس ۽ ليگل ڪميٽي جا اڳواڻ بحريا ٽائون کي ڄامشورو جي چئن ديهن ۾ هزارين ايڪڙ غيرقانوني طور الاٽ ڪرڻ خلاف اڄ نوري آباد پهچندا، ڄامشورو جي زمين جي والار جو جائزو وٺي گڏيل لائحه عمل جوڙي جدوجهد جو اعلان ڪيو ويندو، خبر موجب ؛ انڊيجينيس رائٽس الائنس ۽ ليگل ڪميٽي جو گڏيل اجلاس جعفر مراد ڳوٺ ملير ۾ ٿي گذريو، اجلاس ۾ يوسف مستي خان، گل حسن ڪلمتي، حفيظ بلوچ، جمال ناصر، حنيف دلمراد، علي مستوئي، شعيب بڪڪ، عبدالخالق جوڻيجو ۽ ليگل ڪميٽي جي اڳواڻ کانسواءِ مشهور سماجي اڳواڻ نادر گبول ۽ ٻين شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ اقوام متحده کي بحريا ٽائون جي غيرقانوني والار خلاف انڊيجينيس رائٽس الائنس پاران لکيل خط جو جائزو ورتو ويو، بحريا ٽائون پاران گڏاپ ۾ قديم ڳوٺن تي والار تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو، جڏهن ته سماجي اڳواڻ نادر خان گبول گڏجاڻي ۾ ضلعي ڄامشورو ڪوهستان ۾ چئن ديهن جي 10 هزار ايڪڙ زمين کان وڌيڪ بحريا ٽائون کي ڏيڻ ۽ تيزي سان ڪوهستان جي زمينن تي والار ۽ قديم ڳوٺن کي بيدخل ڪرڻ واري مسئلي تي تفصيلي بريفنگ ڏني، اجلاس ۾ ملير جي قديم ڳوٺ نورالدين بلوچ تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي، گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اڄ انڊيجينيس رائٽس الائنس جا اڳواڻ ڪوهستان جي زمينن تي بحريا ٽائون جي والار خلاف ڄامشورو جي سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ ڳوٺاڻن سان ملاقات ڪرڻ کانپوءِ نوري آباد پريس ڪلب ۾ هڪ اهم پريس ڪانفرنس ڪري گڏيل جدوجهد جو اعلان ڪندا.