ملير: کنڀي گم ڪيل نصير ٿهيم جي وارثن پاران احتجاج

ملير :- سچل ڳوٺ مان کنڀي گم ڪيل نصير احمد ٿهيم جي امڙ حيات خاتون ٿهيم، والد اعجاز ٿهيم ملير پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته منهنجي پورهيت پٽ نصير ٿعيم کي 18 جون 2020 تي رات جو دير سان منهنجي گهر ۾ ساده ڪپڙا پهريل 12 کان 14 اهلڪار جن سان هڪ ويگو گاڏيون هيون انهن بنا ڪنهن وارنٽ جي گهر ۾ داخل ٿي سڄي گهر جي تلاشي ورتي کين گهر مان ڪابه غيرقانوني شئي نه ملڻ کانپوءِ هنن منهنجي نوجوان پٽ نصير احمد کي کڻي هليا ويا، آئون هنن جي پويان ٻاهر نڪتس ته ٻه پوليس موبائل هيون جن تي ايس آئي يو ۽ سي آءِ اي جو مونو گرام لڳل هو پر منهنجي پٽ کي ساده ڪپڙا پهريل اهلڪار ويگو ۾ کڻي ويا، هنن چيو ته اسان جو پٽ برگر جو ريڙهو سچل ڳوٺ ۾ هلائي پنهنجو ۽ پنهنجي ڪٽنب جو پيٽ پالڻ ۾ مدد ڪندو هو، سندس ڪنهن به سياسي، مذهبي، قومپرست پارٽي سان ڪوبه تعلق نه آهي پر ان جي باوجود بيگناهه اسان جي پٽ کي کنڀي کڻي گم ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته سڀاڻي (اڄ) اسان پٽ جي کنڀي گم ٿيڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائينداسين، ان سان گڏ اسان ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي ايسٽ کي پڻ درخواستون ڪيون آهن، اسان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس، آرمي چيف، وزيراعظم پاڪستان کيي اپيل ٿا ڪريون ته اسان جي پورهيت پٽ کي آزاد ڪرائي اسان جي بيچيني ختم ڪئي وڃي.