ملير مان گم ٿيل ٻارڙيِ ڏاڍائي بعد قتل، لاش ٽانڪيءَ مان هٿ،7 شڪي گرفتار

ملير:- ملير جي علائقي ڀينس ڪالوني جي محمود ٽائون مان ٻه ڏينهن اڳ گم ٿيل 8 ورهين جي نينگري لائبا کي وحشي جوابدارن زيادتين جو نشانو بنائڻ کانپوءِ سندس لاش ٻوري ۾ وجهي وڏي پٿر سان ٻڌي 10 نمبر روڊ جي هڪ مينهن جي واڙي جي ٽينڪي ۾ اڇلائي ڇڏيو، لاش ملڻ جي اطلاع تي سکڻ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ضروري ڪاروائي ڪرڻ بعد پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال روانو ڪيو، معصوم نينگري جي لاش ملڻ جي اطلاع تي سوين ماڻهو سکڻ ٿاڻي پهچي ويا، علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڇائنجي ويو، معصوم نينگري لائبا جو والد طارق پٺاڻ معصوم نينگري جي لاش کي چنبڙي اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪندو رهيو، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي سکڻ جعفر جمالي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڀينس ڪالوني جي محمود ٽائون روڊ نمبر 10 جي رهواسي طارق پٺاڻ جي 8 ورهين جي ڌئ جيڪا گهر ويجهو ناصر ملڪ جي مينهن جي واڙي تان روزانو کير وٺڻ ويندي هئي، اها معمول موجب کير وٺڻ وئي ته واپس نه آئي، دير ڪرڻ تي وارثن پاران ڳولا ڪئي وئي ۽ نينگري نه ملي سگهي، جنهن جي گمشدگي جي درخواست سکڻ ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي جنهن بعد پوليس مينهن جي واڙي جي تلاشي ورتي ته کير جو ٿانُ هٿ آيو جنهن بعد پوليس شڪ جي بنياد تي واڙي جي مالڪ ملڪ ناصر سميت ڪم ڪندڙ 7 مزدورن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس موجب گرفتار جوابدارن جا جُزا وٺڻ بعد زيادتي جي تصديق ٿي سگهي ٿي. ٻئي طرف واقعي جو ڊي آءِ جي ايسٽ عامر فاروقي نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ملير کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. هوڏانهن بيدردي سان قتل ٿيل نينگري جي والد طارق پٺاڻ صحافين کي ٻڌايو ته ٻه ڏينهن اڳ منهنجي نياڻي گهران کير وٺڻ لاءِ وئي ته اُتان گم ٿي وئي هئي جنهن جو فرياد مون سکڻ پوليس ٿاڻي تي ڏنو پر سکڻ پوليس جي نااهلي سبب منهنجي نياڻي جو لاش مليو آهي، مان آءِ جي سنڌ کي اپيل ٿو ڪريان ته منهنجي نياڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.