ملير مان هٿ آيل لاش جي قومپرست ڪارڪن طور سڃاڻپ

ملير:- ملير جي علائقي سمندري بابا وٽان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ ڊکڻ جي قومپرست ڪارڪن نياز لاشاري طور ٿي وئي، نوجوان 18 مهينا اڳ حيدرآباد ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران کنڀي گم ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ وارث مختلف پريس ڪلبن تي احتجاج ڪندا رهيا هئا، جنهن جو اڄ بيدردي سان قتل ٿيل لاش هٿ آيو