ملير جي علائقي رزاق آباد لڳ حاجي اميد علي ڳوٺ ۾ ڊيزل ٽينڪ اوچتو زوردار ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، پورهيت زخمي

ملير (رپورٽ سامي ميمڻ) :- ملير جي علائقي رزاق آباد لڳ حاجي اميد علي ڳوٺ ۾ راجا عبدالله گودام ۾ ڊيزل ٽينڪ اوچتو زوردار ڌماڪي سان ڦاتي پيو جنهن سبب اتي ڪم ڪندڙ ٻه پورهيت 24 سالن جو مهتاب ۽ عامر پٺاڻ سڙي سخت زخمي ٿي پيا هوڏانهن اطلاع ملندي ئي شاھ لطيف ٿاڻي جي پوليس ڌماڪي واري هنڌ پهچي زخمين کي ايمبولينس ذريعي سول اسپتال منتقل ڪيو پوليس گودام کي سيل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڏني