ملير جو مشهور ڊاڪٽر عبدالقادر سومرو ڪورونا وبا سان جهيڙيندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو

ملير :- ملير جو مشهور ڊاڪٽر عبدالقادر سومرو ڪورونا وبا سان جهيڙيندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان ڊاڪٽر عبدالقادر سومرو کي ڪورونا وائرس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ قرنطينه ۾ رکيو ويو، جنهن سبب اڄ هُن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ياد رهي ته ڊاڪٽر عبدالقادر سومرو ملير جو مشهور چمڙي جي بيمارين جو ماهر ڊاڪٽر هو ۽ هن وقت الخدمت اسپتال ملير ۾ ايم ايس جون ذميواريون سر انجام ڏئي رهيو هو.