مليحه لوڌي جي لنڊن ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات

لنڊن: اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير مليحه لوڌي ملاقات ڪئي آهي. اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف 19 نومبر 2019ع کان علاج سبب لنڊن ۾ ترسيل آهي، جتي ان جون لڳاتار ٽيسٽون ۽ طبي معائنو جاري آهي. اطلاعن موجب نواز شريف جو ڊرائيور گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير مليحه لوڌي کي پارڪ لين فليٽس آندو، جتي هن اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي. مليحه لوڌي نواز شريف جي عيادت ڪئي، جنهن کاپوءِ نوازشريف جي پٽ حسن نواز مليحه لوڌي کي دروازي تائين موڪلائڻ آيو