ملتان ۾ شاگردياڻيءَ سان لڄالٽ ڪندڙ ايم پي اي نجي ائير لائين ذريعي پرڏيهه فرار

ملتان :-  شاگردياڻيءَ سان زيادتي جو جوابدار ن ليگ ايم پي اي نجي ايئر لائن جي اڏام ذريعي شارجا فرار ٿي ويو.ملتان ۾ پنهنجي يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ شاگردياڻي جون ويڊيوز ٺاهي کيس بليڪ ڪري هڪ سال تائين لڄالٽ جو نشانو بڻائڻ جي الزام هيٺ آيل ن ليگ ايم پي اي حاجي عطا الرحمان جي شارجا فرار ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.ذريعن موجب حاجي عطا الرحمان ڪارروائي کان بچڻ لاءِ 5 آگسٽ جي منجهند ساڍي 3 وڳي نجي ايئر لائن جي اڏام ذريعي شارجا فرار ٿي ويو.واضح رهي ته شاگردياڻي (س) علائقائي مئجسٽريٽ ملتان کي درخواست ڏيندي الزام مڙهيو هو ته ن ليگ ايم پي اي عطا الرحمان غير اخلاقي ويڊيو ٺاهي کيس 11 مهينن تائين لڄالٽ جو نشانو بڻايو.شاگردياڻي جي درخواست تي مئجسٽريٽ نشتر اسپتال جي ايم ايس کي شاگردياڻي جي طبي معائني جو حڪم ڏنو هو.