مقتول جاويد ڀٽي جي وارثن وٽ قومپرست اڳواڻ تڏي تي پهتو، انصاف جي خاطري

ڪراچي:- ڪراچي جي علائقي سرجاني ٽائون ۾ ڇھ ڏينھن اڳ ٽيھ سالن جي نوجوان پورهيت جاويد ڀٽي جي قتل وارو مامرو، انويسٽيگيشن پوليس ھڪ ڄڻي مدثر پٺاڻ کي گرفتار ڪري ورتو، جڏھن ملوث مک جوابدارن کي پوليس اڃا تائين گرفتار نہ ڪري سگھي.جئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻ سورهيه سنڌي تڏي تي پھچي مقتول جي وارثن سان تعزيت ڪئي.ان موقعي تي سورهيا سنڌي چيو تہ ميڊيا ته خبر ٻڌندي ئي آئون جاويد ڀٽي جي تڏي تي پھتو آھيان، مونکي افسوس آھي، پي ٽي آء جي قيادت تي جيڪا سڏ پنڌ تي ھوندي بہ تڏي تي فاتح لاء بہ لڙي ناھي آئي، مقتول جي وارثن سان ھن ڏک جي گھڙي ۾ برابر جا شريڪ آھيون، جاويد ڀٽي جو رت رائيگان ڪون ويندو.آئون تمام ماروئڙن ۽ مقتول جي وارثن جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پھچائيندس ۽ جيڪي بہ قاتل آھن، انھن کي باقاعدگي سان ڪيفر ڪردار تائين پھچائي ساهه کڻنداسين.