معصوم نينگري رخسانه ۽ ڀاءُ جي قاتل کي ڦاهي ڏيو، مختلف شهرن ۾ مظاهرا

ڪراچي  :- معصوم نينگري رخسانه ۽ ڀاءُ جي قاتل کي ڦاهي ڏيو: مختلف شهرن ۾ مظاهرا، نواب ولي محمد ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن، قاضي احمد ۽ ڪوٽڙي ۾ سول سوسائٽي طرفان مظاهرا ڪيا ويا، حيدرآباد ۾ جنسي ڏاڍائي بعد قتل ڪيل معصوم نينگري رخسانه سيال ۽ سندس ڀاءُ قادر بخش سيال جي قاتلن کي سخت سزا ڏيارڻ لاءِ نواب ولي محمد ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن خادم حسين رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. ڪارڪنن چيو ته حيدرآباد ۾ معصوم نينگري رخسانه سيال ۽ سندس ڀاءُ قادر بخش سيال کي قتل ڪندڙ وحشي عثمان بنگالي کي سرِعام ڦاهي تي چاڙهيو وڃي، معصوم ٻارڙن جي ناحق خون ۽ وارثن سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. پريس ڪلب قاضي احمد اڳيان صوفي جاويدسيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن ڍيو ته ظلم جي انتها آھي معصوم ٻارڙن کي اغوا ڪري وحشياڻي انداز سان قتل ڪيو پيو وڃي، حيدرآباد ۾ جنسي ڏاڍائي بعد قتل ٿيل معصوم نينگري رخانه سيال ۽ سندس ڀاءُ قادر بخش سيال کي ظالمن وحشياڻي نموني قتل ڪري انسانيت جو ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو آهي پر افسوس جو ايوانن ۾ ويٺل حڪمران خاموش تماشائي بڻيل آھن. حڪومت ۽ پوليس ھن وقت تائين ڪجهه ناهي ڪري سگهي. ڪوٽڙي ۾ سياسي، سماجي ڌرين پاران حيدرآباد ۾ اغوا بعد زيادتي ڪري قتل ڪيل معصوم نينگري رخسانه سيال ۽ سندس ڀاءُ قادر بخش سيال جي قتل خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، المدينه چوڪ کان مختلف تنظيمن جي اڳواڻن هٿن ۾ بينر کڻي ريلي ڪڍڻ بعد ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڄامشورو ايٽ ڪوٽڙي پهچي ڌرڻو هنيو. مظاهرين قاتلن کي ڦاهي ڏيو، قاتلن کي ڦاهي ڏيو جا مطالبا ڪيا. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ ٻٽو قانون جو روجهان ختم ٿيڻ گهرجي، حيدرآباد ۾ ننڍي عمر جي معصوم ڀاءُ ۽ زيادتي جو شڪار بڻيل ڀيڻ رخسانه سيال جو قتل ٿيو ان ۾ شروعاتي ڪيس ۾ دهشتگردي جو قلم لاڳو نه ڪيو ويو جيڪو ٻٽو معيار ۽ حيدرآباد پوليس جي ناجائزي ۽ نااهلي آھي، شروعات ۾ نينگر قادر بخش سيال زخمي حالت ۾ سامهون آيو جوابدار گرفتار ٿيو پوءِ نينگري زخسانه سيال کي ڇو نه بچايو ويو ان عمل جي مذمت ڪيون ٿا، پوليس جي مڪمل ناڪامي آھي. حيدرآباد جي ايس ايس پي کي هٽائڻ گهرجي.