مطيع الله اغوا ڪيس: ڏينهن ڏٺي جو صحافي کي کنڀيو ويو، ڇا ادارا تباهه ٿي ويا آهن: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ صحافي مطيع الله جان جي اغوا خلاف داخل درخواست اڪلائي ڇڏي.چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ صحافي مطيع الله جان جي اغوا خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي جي سلسلي ۾ پوليس طرفان ڊي آءِ جي آپريشن وقارالدين سيد عدالت جي سامهون پيش ٿيو. چيف جسٽس اطهر من الله اسلام آباد پوليس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڏينهن ڏٺي جو جهڙي طرح صحافي کي کنڀيو ويو ان سان لڳي ٿو ته سڀ ادارا تباهه ٿي چڪا آهن. ڪنهن جي به ايتري همت ڪيئن ٿي وئي جو هو پوليس جي وردين ۾ اچي ماڻهو کڻي وڃن قانون جي حڪمراني نه ٿيندي ته هتي ڪجهه به نه ٿيندو ۽ ملڪ ۾ افراتفري پکڙجندي. چيف جسٽس سوال ڪيو ته پوليس جي وردي پاتل پوليس جي گاڏي جهڙا اشارا ڪندا ڪير ڦري رهيا هئا؟اسلام آباد پوليس ڪٿي هئي؟ گادي واري شهر ۾ ائين ڪيئن ٿي ويو؟ عام ماڻهو ڏانهن ڪهڙو تاثر ويندو ته هتي پوليس وردي ۾ ماڻهو ڦري رهيا آهن؟  جسٽس اطهر من الله چيو ته هي آزاد صحافت ۽ اظهار جي آزادي جو معاملو آهي. صحافين جي خلاف ڏوهن جو خاتمو ٿيڻ گهرجي. ڪالهه جيڪو ڪجهه ٿيو ان لاءِ پوري رياست ذميوار آهي. موجوده حڪومت به صحافين جي آزادي جي ڳالهه  ڪندي آهي.سي سي ٽي وي وڊيو موجود آهي هي پوليس سان گڏ وفاقي حڪومت لاءِ به ٽيسٽ ڪيس آهي. پوليس اهڙا قدم کڻي جنهن سان مستقبل ۾ اهڙا واقعا ٻيهر نه ٿين. ان موقعي تي وڪيل جهانگير جدون چيو ته هن ڪيس کي اڪلايو نه وڃي. عدالت هن جي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي  پوليس کي هدايت جاري ڪري ته هو جاچ ڪري عدالت کي ٻڌائي ته واقعي ۾ ڪير ملوث آهي.؟ ان تي جسٽس اطهر من الله چيو ته هي عدالت هن ڪيس جي نگراني نٿي ڪري سگهي. اسان کي پوليس ۽ رياست تي اعتبار ڪرڻو پوندو. انهن کي ئي قانون موجب ڪارروائي ڪرڻ ڏيو.

ٻڌڻي دوران ڊي آءِ جي پوليس ٻڌايو ته مطيع الله جان جي اغوا تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي ان تي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وڌيڪ چيو ته هي رياست جي ذميواري آهي ته ڪارروائي ڪريو ته جيئن آئينده  ڪوبه ماڻهو اهڙو ڪم ڪرڻ جي همت نه ڪري. عدالت مطيع الله جان جي بازيابي ۽ ڪيس داخل ٿيڻ تي ڪيس اڪلائيندي پوليس کي اغوا ڪندڙن جي خلاف قانون موجب ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي. واضح رهي ته سينئر صحافي مطيع الله جان گذريل ڏينهن اسلام آباد مان گم ٿي ويو هئو. جيڪو تقريبن 12 ڪلاڪ کان پوءِ گهر واپس پهچي ويو.