مشڪل فيصلا ڪرڻ جو وقت آهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

RAWALPINDI: Director General of Inter-Services Public Relations (ISPR) Maj Gen Babar Iftikhar addressing a press conference. INP

راولپنڊي: پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) جي سربراهه ميجر جنرل بابر افتخار اهل وطن کي يوم پاڪستان جي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته اڄ جو ڏينهن ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي.ميڊيا بريفنگ دوران هن چيو ته مظلوم ڪشميري ڀارتي ڏاڍ جو شڪار آهن ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي رياستي دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيا آهن.ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته قدرتي آفت ڪورونا وائرس سڄي دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، هن چيو ته پاڪستاني فوج موجوده صورتحال ۾ پنهنجي ذميوارين کان آگاهه آهي .هن چيو ته گذريل شام ڪورڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ لائن آف ايڪشن جو جائزو ورتو ويو آهي. هن چيو ته چيف آف آرمي اسٽاف هٿياربند فوج جي ميڊيڪل ڪور کي مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. هن چيو ته حڪومت سول انتظاميا جي مدد لاءِ فوج کي طلب ڪيو آهي.ڊي جي آءِ ايس پي آر واضح ڪيو آهي ته سڀئي اسڪول بند آهن ۽ سڀني اجتماعن تي پابندي لاڳو رهندي. هن چيو ته انٽرسٽي ٽرانسپورٽ صرف فوڊ سپلاءِ جي لاءِ استعمال ٿيندي.ميجر جنرل بابر افتخار موجب سڀني انٽرنيشنل ايئرپورٽس انٽرنيشنل فلائٽس جي لاءِ چار اپريل تائين بند رهنديون.هن چيو ته اهو انفرادي ۽ اجتماعي طور تي مشڪل فيصلي ڪرڻ جو وقت آهي. هن چيو ته ڪورونا جي خطري تي قابو آڻڻ لاءِ پاڪ فوج عوام سان گڏ بيٺل آهي.ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار ميڊيا بريفنگ ۾ چيو آهي ته چرپر کي محدود رکڻ ئي ان موذي وبا کان بچاءُ جو واحد حل آهي. هن چيو ته هن وقت ترقي يافته ملڪ به ڪورونا وائرس جي سامهون بي وس نظر اچي رهيا آهن.ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته چئلينجن کي منهن ڏئي قومون اڳيان وڌنديون آهن. هن جو چوڻ هو ته هڪ دفعو وري اسان کي ملي گڏ ٿيڻ جي ضرورت آهي.ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار ٻڌايو ته چيف آف آرمي اسٽاف هڪ مهيني جي پگهار ان وبا کان نبرڻ لاءِ ڏينهن جو اعلان ڪيو آهي.عوام الناس کي هن اپيل ڪئي ته هو پاڻ کي گهرن تائين محدود رکن، ڇو ته انفرادي حفاظت ئي مجموعي حفاظت آهي.