مشڪل ترين معاشي حالتن باوجود ڪمزور طبقن جي بهتري لاءِ قدم کنيا : عمران خان

اسلام آباد :- وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت معاشي مضبوطي ۽ ملڪ جي مفاد ۾ ڏکيا فيصلا ڪيا. وزيراعظم  عمران خان سان  سُڌ سماءُ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ ملاقات ڪئي جنهن دوران هن وزيراعظم کي حڪومتي سڌارن جي ايجنڊا کي اجاگر ڪرڻ لاءِ وزارت طرفان مختلف کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو.ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڏکين حالتن ۾ حڪومت جي ڀڄ ڊڪ سنڀالي، مشڪل ترين معاشي حالتن باوجود ڪمزور طبقن جي بهتري لاءِ قدم کنيا، حڪومت معاشي مضبوطي ۽ ملڪ جي مفاد ۾ ڏکيا فيصلا ڪيا.وزيراعظم جو چوڻ هو ته گذريل ڏهن مهينن کان حڪومت سماجي، معاشي،  اقتصادي ۽ انتظامي شعبن ۾ سڌارا متعارف ڪرايا آهن، ماضي ۾ اهڙن سڌارن جو مثال نٿو ملي.