مشهور ڏوهاريءَ جي قبر تي ان جو پتلو ۽ قيمتي ڪار جو ماڊل لڳايو ويو

غرناطا : ڏوهارين جون ڪهاڻيون به ڏاڍيون دلچسپ هونديون آهن ۽ ڪافي ڀيرا عادي ڏوهاري به هڪ مشهور شخصيت جو روپ اختيار ڪري وٺندا آهن، اهڙو ئي واقعو اسپين ۾ به پيش آيو، جڏهن مشهور ڏوهاري جي قبر تي ان جو پتلو ۽ سندس پسنديده گاڏي جو ماڊل لڳايو ويو. اسپين جي شهر غرناطه جي قبرستان ۾ هڪ قبر تي توهان عاليشان ڌاتوءَ جو پتلو ڏسي سگھو ٿا ۽ ان جي جسامت جي برابر آهي، ان سان گڏ ئي آڊي ڪيو فائيو ڪار جو ماڊل به موجود آهي جنهن تي ويهي ڏوهاري اينٽونيو وارڌاتون ڪندو هو. اينٽونيو عرف “ايل ٽونٽون” (مطلب، بيوقوف) سڄي اسپين ۾ ٽرڪ واري ڌاڙيل جي نالي سان مشهور هو، جنهن کي تاريخ جو ڪامياب ترين ڏوهاري قرار ڏئي سگھجي ٿو. پنهنجي ڪيريئر ۾ هو 60 ڀيرا گرفتار ٿيو ۽ هو وڏا قيمتي ٽرالر ۽ ٽرڪون چوري ڪري انهن جي بدلي قيمتي سامان، پرفيوم ۽ ڪمپيوٽر خريد ڪندو هو. اسپين ۾ ڀنگ ۽ چرس جو ڪاروبار به هن ئي شروع ڪيو، تيز ترين ترقي ڪندي هن هڪ مارڪيٽ ٺاهيو جنهن ۾ هو چوري ڪيل سامان وڪڻندو هو، اينٽونيو 46 سالن جي عمر ۾ فوت ٿيو. موت کان چند ڏينهن اڳ هن ست ٽرڪون ڦريون هيون، هن ڏوهاري پنهنجي زندگيءَ ۾ گھڻن ماڻهن کي متاثر ڪيو، جيڪي مرڻ کان پوءِ کيس ياد ڪندا آهن ۽ جن ان جي موت بعد سندس قبر تي سندس پتلو ۽ ڪار جو ماڊل رکيو آهي.