مشهور تامل اداڪارا 26 ورهين جي شراوني ڪونڊاپلي مبينا طور تي جنسي هراسان ٿيڻ تي آپگهات ڪري ڇڏيو

نئين دهلي :- هلندڙ مهيني جون ۾ بالي ووڊ اداڪار 34 ورهين جي سشانت سنگهه راجپوت جي آپگهات بالي ووڊ انڊسٽري کي ڌوڏي ڇڏيو هو، ان کانپوءِ به ٽن فنڪارن آپگهات ڪيو ۽ هاڻي مشهور تامل اداڪارا 26 ورهين جي شراوني ڪونڊاپلي مبينا طور تي جنسي هراسان ٿيڻ تي آپگهات ڪري ورتو آهي. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب اداڪارا جي گهرڀاتين موجب شراوني ڪونڊاپلي 8 ۽ 9 سيپٽمبر جي وچ واري رات پنهنجي رهائشگاهه تي آپگهات ڪيو. شراوني ڪونڊآپلي وهنجڻ لاءِ وئي ۽ ڪافي دير باوجود ٻاهر نه آئي جنهن کانپوءِ هنن واش روم جو در کوليو ته هو مئل حالت ۾ ملي. پوليس اداڪارا جي موت جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته واقعي واري هنڌ اداڪارا طرفان لکيل ڪو نوٽ ناهي مليو ۽ اداڪارا تي تشدد جا نشان به نه مليا آهن. گهرڀاتين دعويٰ ڪئي ته هن پنهنجي اڳوڻي بواءِ فرينڊ طرفان جنسي هراسان ۽ بليڳڪ ميل ڪرڻ سبب آپگهات ڪيو. شراوني کي سندس اڳوڻو بواءِ فرينڊ ڌمڪيون ڏئي رهيو هو ۽ بليڪ ميل ڪندو رهيو هو. رپورٽ موجب اداڪارا جي ڀاءُ ٻڌايو ته شراوني کي سندس ڀاءُ ڪجهه اڻ وڻندڙ تصويرون ۽ وڊيوز ليڪ ڪرڻ جي ڌمڪي به ڏني هئي ۽ اداڪارا کان رقم جو مطالبو ڪيو هو. هوڏانهن شراوني جي آپگهات تي ڪيتريون ئي شوبز شخيتون ڏک ۾ آهن. شراوني گذريل 8 ورهين کان تيلگو فلم ۽ ڊراما انڊسٽري جو حصو هئي ۽ هن ڪجهه بلاڪ بسٽر تيلگو فلمن ۾ به ڪم ڪيو هو.