مشرف کي سزا ٻڌائيندڙ خصوصي عدالت کي غيرقانوني قرار ڏيڻ جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج

اسلام آباد: پاڪستان بار ڪائونسل لاهور هاءِ ڪورٽ جي طرفان اڳوڻي صدر جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف کي سزا ٻڌائيندڙ اسلام آباد جي خصوصي عدالت کي غيرآئيني قرار ڏيڻ واري فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.پاڪستان بار ڪائونسل جي طرفان سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو آئيني حدن کان تجاوز آهي.درخواست ۾ سپريم ڪورٽ کي گذارش ڪئي وئي آهي ته خصوصي عدالت متعلق لاهور هاءِ ڪورٽ جو 13 جنوري جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. درخواست ۾ پرويز مشرف، صدر پاڪستان، سيڪريٽري قانون ۽ انصاف، وفاقي تحقيقاتي ايجنسي (ايف آءِ اي) ۽ خصوصي عدالت کي ڌر بڻايو ويو آهي.