مشرف جي  دور کان وٺي اڄ تائين سنڌ کي ورهائڻ جي خواهش پنهنجي موت پاڻ مري ويندي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ ۾ انتظامي يونٽ بڻايا پيا وڃن صوبي کي تقسيم ٿيڻ نه ڏينداسين، ايم ڪيو ايم سنڌ جي صوبائي حد ۾ تبديلي جي خواهشمند آهي اهو ممڪن ئي ناهي ته صوبائي اسيمبلي جي مرضي بغير ايئن ڪيو وڃي.

اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا ڪارنر تي صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو.

سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم الطاف حسين سان علحيدگي کانپوءِ به ان جي نظريات تي قائم آهي صرف الطاف حسين سان لاتعلقي واري اعلان تي ڪم نه هلندو هن چيو ته ايم ڪيو ايم جو اهو طريقو آهي پهريون سازش ڪندا آهن پوءِ چوندا آهن.

هن چيو ته سنڌ اسان جي امڙ آهي ايم ڪيو ايم آرٽيڪل 239 جي آرٽيڪل 4 کي ڪڍڻ جو بل قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرايو آهي ايم ڪيو ايم سنڌ اسيمبلي ۾ پنهنجي غلط مقصد ۾ ناڪامي کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ اها ڪوشش ڪئي آهي ۽ پي ٽي آئي ان ترميم جي مخالفت ناهي ڪئي هاڻي اها ترميم سنڌ حڪومت کي موڪلي وئي آهي جنهن تي صوبائي ڪابينا اعتراض ۽ ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي.

هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي رڪن کي ان جو حق حاصل آهي پر پي ٽي آئي انهن جي حمايت ڇو ڪئي ۽ اتحادي به خاموش رهيا اها ترميم صوبائي اسيمبلي جو اختيار کسڻ جي سازش آهي ايم ڪيو ايم خراب راند کيڏي رهي آهي ۽ ملڪ خلاف سازشن ۾ مصروف آهي اها سازش سنڌ جي لاءِ نه پر ملڪ جي ٻين ننڍن صوبن لاءِ به آهي.

سندس چوڻ هو ته ان ترميم سان ملڪ ۾ بحران پيدا ٿيندو ۽ ننڍن صوبن ۾ احساس محرومي وڌندي، سنڌ هڪ آهي ۽ هڪ رهندي ۽ سنڌ جو هڪ هڪ ماڻهو ان کي رد ڪندو  ان خلاف وڙهندو ۽ مرندو پر اها سازس ڪامياب نه ٿيڻ ڏبي.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايم ڪيو ايم سنڌ کي پنهنجي ماءُ سمجهندي آهي ته پوءِ ڇو ان کي ورهائڻ جي ڳالهه ڪندي آهي ايم ڪيو ايم جو اهو طريقو رهيو آهي ته وڙهايو ۽ حڪومت ڪيو.

پ پ اڳواڻ چيو ته مشرف جي  دور کان وٺي اڄ تائين سنڌ کي ورهائڻ جي خواهش پنهنجي موت پاڻ مري ويندي. پي ٽي آئي جو پارلياماني معاملن وارو وزير انهن جو حامي ڪيئن ٿيو منهنجو سوال ان جماعتن سان به آهي جيڪي سنڌ جي تقسيم جي مخالفت ڪندا آهن پر اهي خاموش ڇو آهن هن چيو ته آئين ۾ طريقو موجود آهي پر صوبائي اسيمبلي کان ان جو حق ڇو کسيو پيو وڃي.