مسوڀرڳڙي ۽ آسپاس ۾ ڪاري ڪامڻ وبائي صورت اختيار ڪري وئي، ڪيترائي فوت، صحت کاتو ننڊ سُتل

مسو ڀرڳڙي :-  مسوڀرڳڙي ۽ آسپاس جي علائقي ۾ ڪاري سائي جا ڪلور جاري ٽن سالن اندر سوين ماڻھو فوت , هزارين ورتل,پاڻي ماهرن جر جو پاڻي زهر قرار ڏئي ڇڏيو , مٺي پاڻي جو واٽر سپلائي وارو پروجيڪٽ 34سال گذري وڃڻ باوجو مڪمل نه ٿي سگهيو , وزيراعلي ا سنڌ کان نوٽس وٺڻ جو مطالبو مسوڀرڳڙي ۾ ڪاري سائي ھيپاٽائٽس سي ۾ فوت ٿيندڙن جو انگ وڌڻ لڳو آهي جڏھن ته 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻھون ھيپاٽائٽس سي ۾ مبتلا  ھجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ڪجھ سالن اندر ھيپاٽائٽس سي وگھي فوت ٿيندڙن جو انگ 200 کان به وڌي ويو آهي 3 سالن اندر تقريبن 200 سئو کان وڌيڪ ماڻھون موت جو شڪار ٿي چڪا آهن تعلقي حيدرآباد  جي جر جو پاڻي ٻاڙو ۽ کارو  ھئڻ ڪري ھيپاٽائٽس سي بيماري تيزي سان وڌي رھي آهي پر صحت کاتي طرفان ڪي به جوڳا اپاء نه ورتا ويا آهن جڏھن ته ھتي عوام زھريلو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهي پر ڪنھن به صاف پاڻي مھيا ڪرڻ واري واٽر اسڪيم طرف ڌيان ناھي ڏنو ڪروڙين روپين جي ماليت سان ٺھيل واٽر اسڪيم 34 سالن کان ناڪارا پيل آهي رٽائرڊ جسٽس امير مسلم ھاني جي دورن ڪو به اثر نه ڏيکاريو  پبلڪ ھيلٿ وارن جي ڪن تان جون به نه سري آهي جڏھن ته ھتي جا چونڊيل نمائيندا پڻ عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهن چونڊيل نمائيندا به صاف پاڻي مھيا نه ڪرائي سگھيا آهن تعلقي حيدرآباد جي شھرن ڳوٺن  ۾ لڳل پاڻي وارا فلٽر پلانٽ پڻ سالن کان ناڪارا پيل آهن ڪنھن به انھن کي ٺھرائڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي