مسنگ پرسنس بابت عام سوالَ ۽ عوامي جواب : بخشل ٿلهو

توهان حڪومت تي قابض ٿي سگهو ٿا. توهان آئين ۾ تبديلي ڪري سگهو ٿا. توهان تنظيمن جي انهن شڪلين کي ختم ڪري سگهو ٿا، جن ۾ اُهي اڄ تائين ڪم ڪنديون رهيون آهن پر اوهان معروضي حالتن تي حاوي نه ٿا ٿي سگهو جيڪي خود اوهان جي افعالن جو تعين ڪري رهيون آهن.” اينتونيو گرامچي

رياست يا ڳجها ادارا پنهنجا ماڻهو ڇو کنڀي کڻي گم ٿا ڪن؟

“سن 1843ع دوران اُتر آفريڪا ۾ هڪ عرب، برطانوي سياح سان مخاطب ٿيندي کائنس پُڇيو ته “ توهان پنهنجي گهر کان ايترو ڏور وڃي ماڻهن کان سندن ديس ڇو کسيندا آهيو؟”…………. سنڌ جي فتح مهل، (برطانوي) سلطنت جي هڪ هٽي، مستقل ۽ ناقابلِ شڪست ڀاسندي هئي. تنهنڪري (مٿي ٻڌايل) عرب جي سوال جو سادو جواب اِهو ئي ٿي سگهي ٿو ته برطانيا سنڌ جهڙن ملڪن مٿان قبضو انڪري ڪيو ڇوته هو ائين ڪري پئي سگهيو.” (مهاڳ: “جاگيردارن جي طاقت ۽ بيٺڪيتي سنڌ جي ٻهراڙي جو قرض. ليکڪ ڊيوڊ چيزمين” )

رياست (ڳجها ادارا) به ماڻهو انڪري پيا کنڀي گم ڪن ڇاڪاڻ ته هو اِهوڪري سگهن ٿا.

سنڌ تي حملو انگريز اڳ به ڪري سگهيا پئي ۽ سنڌ جا سياسي ڪارڪن اڳ به کنڀي گم ڪري سگهيا پئي، تازي تيزي جو ڪو خاص ڪارڻ؟

سنڌ جي فتح جو انگريزن ۽ خاص طور نيپئر وٽ سبب هو افغانستان ۾ ناڪامي ۽ سنڌ جي فتح سان سامراجين پنهنجي هڪ ناڪامي جو ازالو ڪرڻ گهريو پئي. ساڳي ريت ملڪ جي حڪمرانن کي آئين ۽ پنهنجي واعدن موجب عوام کي تعيلم، صحت، روزگار ، پنهنجي وسيلن تي پنهنجو اختيار ڏيڻو هو جنهن ۾ هو جڏهن ناڪام ٿين ٿا ته پوءِ ان جي ازالي طور اڀرندڙ تنقيدي آواز کي کڻي کنڀي گم ڪن ٿا.

عام تاثر اِهو آهي ته کنڀي گم ٿيلن ڪجهه نه ڪجهه ڪيو هوندو تنهن ڪري کنڀيا ٿا وڃن.

مُلڪ جو نظام ئي اهڙو آهي جو ملڪ جي وزيراعظم، سپهه سالار ۽ ڪاموري کانوٺي هڪ ڪائونسلر، سپاهي ۽ پٽيوالي تائين هر ڪنهن (ڪجهه مثال ڇڏي ڪري)ڪجهه نه ڪجهه ڪيو هوندو آهي پر قانون ڪمزورن کي ۽ نيب رُڳو مخالفن (سويلين) کي پکڙيندي آهي. نيب درحقيقت وردي پوش حڪمرانن هٿ ۾ صرف سويلين کي سوڙهو ڪرڻ وارو هڪ سويلين ادارو آهي. اهڙي ريت پڪڙڻ وارو اُڪو ڪارو ڇو نه هُجي پر پُڇ ڪاري جو پُڇاڻو ۽ احستاب ڪري سگهي ٿو. ايئن ئي ملڪ کپائيندڙ، ان جي سرحدن ۽ آئين کي ٽوڙيندڙ وڏا غدار ننڍن قومن جي ننڍن سياسي ڪارڪنن کي دهشتگرد ۽ غدار چئي اهو الزام مڙهين ٿا ته انهن ڪجهه نه ڪجهه ڪيو هوندو. سو سچ اهو آهي ته دهشتگردي جي آڙ ۽ الزام هيٺ، ملڪ جا سمورا چور خان ادارا عام سياسي سماجي ڪارڪنن مٿان اهڙن الزامن هيٺ پنهنجي نااهلي ۽ ناڪامي کي لڪائين ٿا. سنڌ يونيورسٽي جو مثال سامهون آهي. جنهن ۾ صاف پاڻي گُهرڻ تان شاگردن مٿان دهشتگردي جو الزام لڳايو ويو. تازو قاضي احمد ۾ مسنگ پرسنس لاءِ ٿيل احتجاج ۾ شامل عام ماڻهن مٿان غداري ۽ دشتگردي جا قلم هنيا ويا. جيڪا رياست نذير عباسي جهڙي سياسي ڪارڪن کي دهشتگرد ۽ احسان الله احسان کانوٺي حافظ سعيد تائين انتهاپسندن کي پنهنجو اثاثو سمجهي ته پوءِ باقي سمجهائڻ لاءِ ڇا ٿو بچي.

ڇا مسنگ پرسنس منجهه “را“ ۽ “اين ڊي ايس (افغان رياستي ايجنسي)” جا ايجنٽ ناهن جيڪي ٻين ملڪن جي چُرچ تي، پنهنجي ملڪ ۾ دهشتگردي ڪن ٿا ؟

جواب: ڪي ايڪڙ بيڪڙ هوندا. پر اُهي آهن ته ملڪ جا شهري ئي نه. ڇا اُهي ٻي ملڪ جي ۽ را جي ظاهر ظهور ايجنٽ (ڪلبوشن) جيتري به قانوني سهائتا نه لهن؟ ٻيو ته ملڪ جا عسڪري توڙي سول حڪمران به آمريڪا، چين، ايران (1971) ۽ سعودي جا ايجنٽ ٿي پنهنجي ماڻهن خلاف دهشت جو رڻ ٻاريندا رهيا آهن. ٽيون اِهو ته عوام خلاف استعمال ڪرڻ لاءِ دهشت جو سمورو سامان پهرين حڪمران گڏ ڪندا آهن، محڪومن جا ڪجهه حصا بعد ۾ ان کي استعمال ڪندا آهن، جيئن فرانس ۾ بادشاهه جو ڪنڌ ڪپيندڙ ڪات (گلوٽين) پهرين بادشاهه ئي عوام جو ڪنڌ لاهڻ لاءِ ٺهرايو هو . چوٿون اِهو ته آخر ملڪ جي معاشي ۽ سياسي ايڏي خراب حالت ڪنهن ڪئي آهي جو خراب طالبانن کي ڪجهه هزار پگهار تي تيار خودڪش بمبار ۽ ملڪ دُشمنن کي ٺلهي آسري يا هلڪي ڦُلڪي مدد تي سياسي همدرد مليو وڃن. جيڪڏهن ملڪ اندر احتساب ڪندڙن جو به احتساب ٿئي، عوام کي ان، اجهو، انصاف ۽ آزادي ميسر هُجي، قومن کي پنهنجي وسيلن ۽ پنهنجي قسمت تي مڪمل اختيار هجي، سرحدن تي امن هُجي ۽ اسانجا حڪمران پاڙيسري ملڪن ۾ هٿ چُراند نه ڪن، سڀ کا اهم ڳالهه ته خود رياستِ پاڪستان جا واڳ ڏڻي، ٻين وڏين عالمي طاقتن جا ايجنٽ بڻجڻ بند ڪن ته ڪهڙي عام شهري کي کُٽي کڻندي ڪنهن ٻي مُلڪ جو ايجنٽ بڻجڻ جي. جيئن آمريڪي جانچوس ۽ تڏهوڪي ايجنٽ جان پرڪنس پنهنجي ڪتاب (Confessions of an Economic Hit Man (2004)) ۾ لکيو هو ته “ مان ڪنهن به اهڙي ماڻهو سان نه مليس، جنهن وٽ دهشتگرد ٿيڻ جو مقصد هو. اُهي سڀ مايوس ماڻهو هُئا.”

ائين ته بلوچستان ۾ دهشت گردي ڪندڙن ۽ سنڌ ۾ ڪريڪر ڌماڪا ڪري، ذميواريون قبول ڪرڻ وارن جو به بچاءُ (جسٽيفاءِ) ٿو ٿئي؟

نه. ايئن ڪونهي. توڻي جو هڪ انقلابي سياست قانوني توڙي غير قانوني ٻنهي طريقن جي هيڪڙائي هوندي آهي پر اسان ڏٺو آهي ته پُرامن مزاحمتي سياست کي تشدد ڏانهن ڌڪڻ ۾ سڀ کان وڏو ڪردار رياست جو ئي هوندو آهي پوءِ اُهو بلوچستان ۾ بي ايس او آزاد جهڙي پُرامن تحريڪ مٿان ڪريڪ ڊائون هجي يا سنڌ ۾ ايم آر ڊي جي سزا طور ڌاڙيل پيدا ڪرڻ يا شهرن ۾ نسلي پُرتشدد ڇڪتاڻ وڌائڻ هجي . هر پاسي ڏانهن رياست ئي پاڻ هٿيار ٿي پُهچايو انهن ڏينهن ۾ رسول بخش پليجي لاءِ ٻڌبو هو ته کيس سنڌي ڳالهائيندڙن جي تحفظ لاءِ هٿيار ڏيڻ جي آڇ ٿي هُئي جنهن کي پليجي صاحب اِهو چئي رد ڪيو هو ته “توهان اسان کي بندوقون ته سامهون وارن ميزائيل کي ڏيندا”. سو اسان رياستي توڙي سماجي دهشتگردي جي هر عمل جي خلاف آهيون. تنهن هوندي به جنهن تي به ان قسم جو الزام آهي تنهن کي پڻ ملڪ جي قانون ۽ ڪٽهڙي ۾ آڻي مٿس الزام ثابت ڪري ڀلي کيس سزا ڏني وڃي پر پنهنجن ئي پگهاردارن ذريعي ڪرايل ڪارواين بهاني ۽ سنڌ جي عام سياسي سماجي پُرامن سياست کي کنڀي گم ڪرڻ هر لحاظ کان قوم، عوام ۽ آئين دشمن عمل آهي.

پوءِ آخر ٿيندو ڇا؟

پاڪستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي سو هڪ عالمي رجحان جو ئي هڪ نمونو آهي. ڪورونا وبا کانپوءِ عالمي سياسي معاشي بحران ايترو وڏو ٿيو آهي جو آمريڪا، هندستان ۽ پاڪستان جون رياستون ويتر آمريتي بڻجي پنهنجي عوام ۽ سماج جي رهيل وسيلن تي هٿ ڦيري رهيون آهن. چين ۽ روس جي قيادتن ۽ پاليسين جو ڪنهن قدر مستقل ٿيڻ سان گڏ اسان وٽ به آرمي چيف جي ايڪسٽينشن به ان ساڳي عمل جو حصو آهي. ان جو هاڪاري پاسو اِهو آهي ته صرف اسان سنڌ جو نه پر دنيا جو عوام هاڻ پاسو ورائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. وچ اوڀر ۽ خاص طور لبنان اندر مزاحمت هڪ ننڍو مثال آهي جيڪا نظام جي تبديلي جو شرط رکي حڪمرانن جي استعفي تي به راضي نه ٿي ٿئي. جبري گمشدگين جي حوالي سان جيڪڏهن پاڪستان تي نظر وجهون ته اڃا تائين حڪمرانن پاران ڌار ڪري ڌڪ هڻڻ ۽ نفرت جي سياست جا اڃا به اثر هلندڙ آهن. مثال طور قومپرست سياست جو سڀ کان وڏو الميو به اهو آهي ته بلوچ، پختون ۽ سنڌي قومپرست هڪ ئي وقت عتاب هيٺ آهن. انهن جي مسلح مزاحمت ڪارن جو پاڻ ۾ رابطو هجي يا نه هجي پر سياسي قانوني دائري ۾ جهيڙيندڙ ڌرين جا پاڻ ۾ ڪي به رسمي لاڳاپا ڪونهن. اُٽلندو سندن هڪ ٻئي ڏانهن غير ضروري طور تي تنقيدي، شڪ ۽ بي اعتباري ڀريو وارو رويو هوندو آهي. پي ٽي ايم ڏانهن سنڌ جي قومپرست سياست جي رويي کي ئي جانچي وٺو. پر اِها لاتعلقي به هاڻ نون تعلقن ۾ تبديل ٿي رهي آهي. سوشل ميڊيا (فيس بُڪ ۽ ٽوئيٽر) مسنگ پرسنسن جي مامري تي، اڳ جي عليحده ۽ ڌار سچ کي هڪ سچ بڻائي سڀ جي سامهون آڻي رهي آهي. پي ٽي ايم کوڙ سارن حوالن سان ان سوال تي هڪ زبردست تحريڪ آهي پر سنڌ جي سڀاڻ جي امڪاني تحريڪ گهڻو ڪجهه بدلائي سگهي ٿي. رياست ۽ ڳجهن ادارن جي ڪوشش اها آهي ته سنڌ جي نوجوان جي بي چيني کي پڻ پُر تشدد دڳ ڏانهن وٺي وڃي پر سنڌ، نه ته بلوچستان آهي ۽ نه وري پختونخواهه. سنڌ جي پرامن عوامي جدوجهد (قومي، طبقاتي ۽ جمهوري) جي تاريخ ايتري وڏي ۽ پيچيده آهي جو اها ڪنهن به اهڙي ٽڪساٽ جي ور ناهي چڙهڻي. سنڌ جي اهڙي سياست رياست ۽ نظام کي کي اڳي به ڏکيو وقت ڏيندي رهي آهي ۽ هاڻ به ڏيندي.