مسلم ليگ(ن) پاران حڪومت کان ڇوٽڪاري واري مهم شروع ڪرڻ جو اعلان

لاهور: مسلم ليگ(ن) حڪومت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. لاهور ۾ مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف جي صدارت هيٺ مشاورتي اجلاس ٿيو جنهن کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته اجلاس ۾ شهباز شريف نوازشريف جو لکيل خط پڙهي ٻڌايو جنهن ۾ پارٽي جي لاءِ آئنده جي حڪمت عملي جا تفصيل ڏنا ويا هئا. احسن اقبال ٻڌايو ته نوازشريف جي هدايتن تي ئي ڀرپور مهم جي شروعات ڪئي وڃي ته جيئن حڪومت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي.ان جي هدايت  جي پارٽي طرفان مڪمل حمايت ڪئي وئي آهي. سڀاڻي اسان جو وفد جي يو آءِ(ف) جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪندو ۽ کيس نوازشريف جي خط  بابت آگاهه ڪندو. ملاقات ۾ آزادي مارچ جي حوالي سان لائحه عمل جوڙيو ويندو