مسعود شاهه جي ڀائرن سميت 11 ڄڻا عدالت پيش

ڪراچي :-  ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس ۾ اکين ڏٺي شاهد مسعود شاهه جي چئن ڀائرن سميت کنڀيل 11 ڄڻن جي سکن ٿاڻي تي گرفتاري ظاهر ڪئي وئي، جوابدارن کي غداري ۽ دهشتگردي جي ڪيس ۾ دهشتگري ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪرڻ کانپوءِ ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو.

ڪراچي جي علائقي ڀينس ڪالوني موڙ جي يوسف ڳوٺ مان کنڀيل سيد آفتاب شاهه، سيد جنيد شاھه، سيد منظور شاھه، سيد غفار شاھه، جڏهن ته ساڳي رات حمايتي ڳوٺ ۽ ليبر اسڪوائر مان کنڀيل سهيل حمايتي، انيل حمايتي ۽ غني مستوئي جي سکن ٿاڻي تي گرفتاري ظاهر ڪئي وئي.

جوابدارن کي غداري ۽ دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪري دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي عدالت ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي کين پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

آفتاب شاهه جي وڪيل محمد خان شيخ موجب مختلف هنڌ تان ماڻهن کي کنڀي هنن جي گرفتاري ظاهر ڪئي وئي آهي، عدالت ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي کين پوليس حوالي ڪيو آهي.

سندس چوڻ هو ته ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس ۾ اکين ڏٺي شاهد مسعود شاهه جي چئن ڀائرن کي به کنڀي انهن مٿان دهشتگردي ۽ غداري جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، اسان عدالتن مان انصاف جي اميد رکون ٿا.