مسجدن ۾ لاڪ ڊائون نه ٿيندو، نماز تراويح ۽ اعتڪاف جاري رهندو: مفتي منيب

ڪراچي: وفاقي حڪومت ڪورونا وائرس سبب سڄي ملڪ ۾ هلندڙ جزوي لاڪ ڊائون ۾ وڌيڪ 2 هفتن جي توسيع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته چيئرمين رويت هلال ڪميٽي مفتي منيب الرحمان چيو آهي ته مسجدن ۾ لاڪ ڊائون نه ٿيندو، نماز تراويح ۽ اعتڪاف جاري رهندو.ڪراچي پريس ڪلب ۾ مختلف مڪتب فڪر جي عالمن سان گڏ پريس ڪانفرس ڪئي، جنهن ۾ مفتي تقي عثمان ۽ مفتي منيب الرحمان به موجود هئا.مفتي تقي عثماني چيو ته دارالعلوم ڪراچي ۾ سڀئي مڪتب فڪر جي عالمن جو اجلاس ٿيو، ڪورونا وائرس جي پکيڙ انساني نسل لاءِ هڪ آزمائش آهي ۽ لاڪ ڊائون سان متاثر ٿيندڙن جي مدد اسان جي ذميواري آهي.هن چيو ته حڪومت جي طرفان جيڪي احتياطي تدبيرون آهن، انهن تي عمل ڪرڻو آهي، هڪ مسلمان لاءِ رمضان ۾ باجماعت نماز ضروري آهي، تنهن ڪري احتياطي تدبيرن سان گڏ مسجدون کليل رهنديون.مفتي تقي عثمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته بيمار ۽ تيماردار گهرن ۾ نماز ادا ڪن، مسجدن مان قالين هٽايا وڃن ۽ سينيٽائيزر جي دستيابي يقيني بڻائي وڃي.هن جو چوڻ هو ته سڀئي ماڻهو وضو گهرن مان ڪري اچن ۽ ماسڪ پائي اچن، نماز کانپوءِ ماڻهو هجوم بڻائڻ بدران احتياط ڪن.مفتي تقي عثمان حڪومت کان مطالبو ڪيو ته مسجدن ۾ گرفتاريون نه ڪيون وڃن ۽ گرفتار ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي.پريس ڪانفرنس دوران چيئرمين رويت هلال ڪميٽي مفتي منيب الرحمان جو چوڻ هو ته اڄ کان مسجدن تي لاڪ ڊائون جو نفاذ نه ٿيندو ۽ مسجدن ۾ سماجي فاصلي جو اصول جو خيال رکيوويندو.هن وڌيڪ چيو ته رمضان المبارڪ دوران مسجدن ۾ نماز تراويح ۽ اعتڪاف جو سلسلو جاري رهندو.هن جو چوڻ هو ته برطانوي حڪومت شهرين کي سهولتون فراهم ڪيون، جيڪڏهن حڪومت قدم نه کنيا ته عوام جو اعتماد وڃائي ويهندي، رياست جي ذميواري آهي ته اتي جي رهندڙن کي ڏکيائين کان نجات ڏياري.