مسجدن جي احاطي ۾ نماز تراويح جي ادائگي تي اتفاق ٿي ويو

اسلام آباد:- صدر مملڪت ۽ عالمن جي اجلاس ۾ مسجدن جي احاطي ۾ نماز تراويح جي ادائگي تي اتفاق ٿي ويو.رمضان المبارڪ ۾ احتياطي اپائن بابت 20 نقاطي تجويزون پيش، مدرسن ۽ امام بارگاهن ۾ قالين ۽ دريون نه وڇايون وينديون، ڪلورين سان صاف ڪيل فرش تي نماز ٿيندي، 50 سالن کان وڌيڪ عمر جا ماڻهو، ٻار، زڪام، کنگهه جي مريضن جو مسجد ۾ داخلا ممنوع هوندو، صف بندي دوران نماز ۾ 6 فوٽن جو فاصلو رکيو ويندو، مسجدن ۾ سحري ۽ افطاري جو اهتمام نه ٿيندو، رمضان ۾ احتياطي اپائن تي عمل نه ٿيڻ تي حڪومت فيصلي تي نظرثاني ڪندي.صدر مملڪت وڊيو لنڪ جي ذريعي سڄي ملڪ مان مختلف مڪتب فڪر جي عالمن سان گڏ اجلاس جي صدارت ڪئي.اجلاس ۾ وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد سميت چئني صوبن مان عالمن، مشائخ ۽ مذهبي جماعتن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نور الحق قادري، چيئرمين اسلامي نظرياتي ڪائونسل قبله اياز، وزيراعظم جي صحت بابت خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا ۽ صوبائي گورنرز به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ پير امين الحسنات، علامه راجا ناصر عباس، پير چراغ الدين شاهه، علامه عارف واحدي، مفتي گلزار نعيمي، علامه امين شهيدي، ڊاڪٽر ساجد الرحمان ۽ پير نقيب الرحمان سميت ٻين عالمن ۽ مشائخ شرڪت ڪئي.