مرڻ ۽ غائب ٿيڻ وارا به ته اسان جو خيال ڪن: ليکڪ وسعت الله خان

اهو واقعو پنهنجي جاءِ تي صحيح آهي ته آزادي واري ڏهاڙي کان هڪ ڏينهن پهرين ڪراچي يونيورسٽي جو شاگرد حيات بلوچ تربت ۾ پنهنجي گهر جي باغيچي مان دهشتگردي جي شڪ هيٺ روڊ تي گهليو ويو ۽ هٿيارن سان ليس ايف سي اهلڪارن سندس هٿ پير ٻڌي، والدين جي نماڻين اکين آڏو سندس جسم ۾ لڳ ڀڳ اٺ گوليون هيون. مان به حيات بلوچ جي اهڙي طرح قتل ٿيڻ جي مذمت ڪرڻ چاهيان ٿو پر مسئلو اِهو آهي ته تربت پاڪستان ۾ آهي ۽ مان پاڪستاني ميڊيا جو هڪ ننڍڙو پرزو. ان لاءِ ڪو به اهڙو غيرذميواراڻو تبصرو نه ٿو ڪري سگهان، جنهن سان پاڪستان جي ڪنهن اداري جي شهرت تي رهنڊ به اچي. وڌ مان وڌ اهو چئي سگهان ٿو ته حيات بلوچ جو قتل افسوس جوڳو ضرور آهي پر دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ اهڙي ڀُل چُڪ ته ٿيندي رهندي آهي. مان اميد ڪيان ٿو ته لاڳاپيل قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پيشاوراڻين ذميوارين کي اڃا وڌيڪ احتياط سان نڀائيندا ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچي سگهجي. مان ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ انهي خبر جو به منتظر آهيان ته حيات بلوچ جي وارثن عظيم تر قومي مفاد ۾، الله پاڪ جي خوشنودي لاءِ، بغير ڪنهن دٻاءُ جي قاتل کي معاف ڪري انسانيت نوازي ۽ حب الوطني جو اعلي مثال قائم ڪري ڇڏيو. ڪاش حيات بلوچ کي گهلي ۽ ٻڌي گوليون هڻڻ جو اهو واقعو سرينگر جي ڪنهن روڊ يا اولهه يروشلم جي ڪنهن چيڪ پوسٽ تي پيش اچي ها ته مان ان بيرحماڻي واقعي تي نوحا لکي لکي ڪاغذ مان رت ٽمائي ڇڏيا ها. انساني حقن جي پائمالي تي ماتم ڪندي ڪندي منهنجو قلم بيهوش ٿي ڪري پوي ها. مان رڙيون ڪري ڪري نڙي ويهاري ڇڏيا ته ڪٿي آهي عالم اسلام؟ پر غلطي حيات بلوچ جي به آهي. هو غلط مقام تي درست ماڻهن هٿان ماريو ويو. ان لاءِ مون کي ڇڏي ڪري ڪو به محب وطن قلمڪار چاهيندي به ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي.

مان ته سنڌ جي سرموڙ دانشور ۽ لکاري تاج جويو سان به يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ چاهيان ٿو، ڇو ته هُن جي پُٽ سارنگ جويو کي سندس گهر جو در ڀڃي سندس ئي ٻارن سامهون تشدد ڪندي کيس جبري اغوا ڪيو ويو ۽ بنا وارنٽ گهر کي نقصان پچهايو ويو. ان واقعي جي ٻن ڏينهن بعد رياستِ پاڪستان تاج جويو جي ادبي ۽ ثقافتي خدمتن جي اعتراف ۾ کيس صدارتي تمغه حسن ڪارڪردگي عطا ڪرڻ جو اعلان ڪيو پر جويو صاحب احتجاجن اُهو ايوارڊ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. مان دراصل اهو چوڻ چاهيان ٿو ته اهو صدارتي تمغه حسن ڪارڪردگي دراصل انهن بازيگرن کي ملڻ گهرجي، جيڪي ايتري ته صفائي سان ماڻهو غائب ڪن ٿا جو رياست پاڻ وائڙي ٿي وڃي ته ڪٿان آيو ۽ ڪٿان ويو هو. پر مان اهو سڀ نه ٿو لکي سگهان، ڇاڪاڻ ته اِن سان منهنجو ملڪ مُنيءَ وانگر بدنام ٿي ويندو ۽ مان انهي بدنامي ۾ ڀائيوار نه ٿو بڻجڻ چاهيان.ڪاش جويو صاحب جو پُٽ ۽ ٻيا سوين پُٽ مصر، ايران يا وچ ايشيا جي ڪنهن مُلڪ ۾ گم ڪيا وڃن ها ته مون کي انهن ملڪن ۾ انساني حقن جي پائمالي تي بنا جهجهڪ ماتم ڪرڻ ۾ ڪيتري ته سولائي ٿي وڃي ها.

29 جولاءِ تي پشاور جي هڪ سيشن عدالت ۾ توهين مذهب جي هڪ جوابدار طاهر احمد نسيم کي ڪنهن خالد نالي شخص گولي هڻي ماري ڇڏيو پر مبينا قاتل خالد کي حراست ۾ وٺڻ وارن پوليس اهلڪارن “غازي خالد” سان گڏ فخر سان سيلفيون ڪڍيون ۽ مسلم ليگ نواز سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي جي ميمبر عمران علي شاهه اسيمبلي سيشن دوران خطاب ڪندي مطالبو ڪيو ته هڪ خصوصي صدارتي حڪم نامي وسيلي غازي خالد کي معافي ڏني وڃي يا پوءِ خيبر پختون خواهه جي حڪومت جوابدار جي طرف کان مقتول جي وارثن کي ديت (خون عيوض رقم) ادا ڪري، ٻي صورت ۾ هو پنهنجي ملڪيت کپائي به ديت جي رقم ڀرڻ لاءِ تيار آهي.عمران علي شاهه ايم اين اي ڪو عام ماڻهو نه آهي پر اُن اداري جو ميمبر آهي، جيڪو 22 ڪروڙ پاڪستانين جي جان ۽ مال توڙي بنيادي حقن جي تحفظ لاءِ قانون سازي ڪندو آهي. پر ڇاڪاڻ ته اهو معاملو نازڪ آهي، ان لاءِ مان ان تي غير ضروري تبصرو نه ٿو ڪرڻ چاهيان. ڪاش مقتول طاهر احمد نسيم ڪو انڊين مسلمان هجي ها، جنهن کي ڪنهن جئي پور جي ڀريل عدالت ۾ ڪو بجرنگي قاتل شيام داس ڏينهن ڏٺي جو قتل ڪري ڇڏي ها ۽ پوليس اهلڪار اُن کي هار پارائي ساڻس گڏ سيلفيون ڪڍرائين ها ۽ اڳين ڏينهن تي ئي لوڪ سڀا ۾ شيو سينا جو ڪرشنا هيگڙ ايم ايل اي بجرنگي قاتل شيام داس کي پنهنجو هيرو قرار ڏئي ان جي ڪيس جو سمورو خرچ پاڻ ڀرڻ جو اعلان ڪري ها. ان کانپوءِ مان انڊين سيڪولرازم، هندو تنگ نظري، مسلمان دشمني جي خلاف ۽ ٻه قومي نظرئي جي حمايت ۾ ۽ هندو توا کي پٽون پاراتا ڏيندي، اهي جملا لکان ۽ چوان ها جو متعصب، تنگ نظر سماج وادين کي مُنهن لِڪائڻ جي به جاءِ نه ملي ها. اسان صحافي، سياستدان، شاعر، منصف ۽ دانشور ته اڄ به پنهنجو قلم ۽ ڌن انسانيت جي لاءِ ڏن طور ڏيڻ لاءِ تيار آهيون پر مرڻ وارا يا غائب ٿيڻ وارا به ته اسان جو ڪجهه خيالن ڪن.