مردان ۾ بم ڌماڪو، 5 ڄڻا مارجي ويا، 10 زخمي

مردان :- مردان ۾ ڪٻاڙ جي دڪان اندر بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 10 زخمي ٿي پيا. ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر ڊاڪٽر زاهد موجب ڌماڪو سائيڪل ۾ رکيل بارودي مواد ڦاٽڻ سبب ٿيو. پوليس جو چوڻ آهي ته مردان ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ٻئي پاسي آءِ جي خيبر پختونخواهه ثناءُ الله عباسي ڌماڪي ۾ 3 ڄڻن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي