مذهبي نفرت پکيڙڻ جي الزام ۾ لطيف يونيورسٽيءَ جو پروفيسر ساجد سومرو گرفتار

 خيرپور:- خيرپور ۾ شاھ لطيف ٿاڻي، شاھ حسين ٿاڻي اي سيڪشن بي سيڪشن ۽ ايگل فورس جي وڏي انگ ۾ پوليس اٽالن شاھ لطيف يونيورسٽي ۾ سنڌي شعبي جي پروفيسر ساجد سومرو محلا علي مراد واري رهائشگاهه جو گهيراء ڪري کيس بيمار حالت ۾گرفتار ڪري ورتو آهي ياد رهي ته پروفيسر ساجد سومرو پاران مرحوم دانشور عطا محمد ڀنڀرو جي تدفين ڪرڻ ۽ ان جي جاري ڪيل وصيعت مٿان ٿيندڙ تنقيد جو سوشل ميڊيا تي زوردار دفاع ڪرڻ بعد ڪجهه مذهبي حلقا ۽ رياستي ادارا مٿس ڏمريل نظر اچي رهيا هئا ان کان سواء سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي اڳواڻ احمد سولنگي ۽ پروفيسر ساجد سومرو وچ ۾ شديد ٽڪرا ء هلي رهيو هو، ان سلسلي ۾ خيرپور جي اي سيڪشن ٿاڻي تي سرڪار جي مدعيت ۾ پروفيسر ساجد سومرو خلاف مذهبي نفرتون پکيڙڻ ملڪي سالميت خلاف ڪم ڪرڻ ۽ ٻين الزامن تحت قلم 295,295A, 298, ۽ 153 پي پي سي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن کان پوء ڪيترين ئي پوليس موبائيلن ۾ سوار ٿي ۽ ايگل فورس سميت خيرپور پوليس جي وڏن اٽالن پروفيسر ساجد سومرو جي محلہ علي مراد واري رهائش گاهه کي گهيري ۾ آڻي گهر ۾ زبردستي داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته گهر ۾ موجود عرتن پوليس سان مزاحمت ڪندي پوليس کي ٻڌايو ته پروفيسر صاحب بيمار آهي هو پاڻ عدالت ۾ پيش ٿيندو پر پوليس اٽالن دروازا ٽوڙڻ ۽ گهر جون ديوار  لتاڙڻ جي ڪوشش ڪئي، اطلاع ملڻ تي قومپرست اڳواڻ امجد خان مهيسر ايڊوڪيٽ فياض خميساڻي ۽ صحافي پهچي ويا بعد ۾ پروفيسر ساجد سومرو کي بيماري جي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، صحافين کي ڏسندي ئي  ساجد سومرو رڙ ڪندي چيو ته مان هڪ تعليم يافته صوفي منش مسلمان آهيان هر طرح جي ملائيت خلاف رهيو آهيان، پوليس بدنام ڪاموري احمد سولنگي جي چوڻ تي منهنجي خلاف بدديانتي جي بنياد تي من گهڙت ڪيس داخل ڪري مون کي جيل موڪلڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي هوڏانهن قوم پرست اڳواڻ امجد خان مهيسر سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري ڊاڪٽر مشتاق ڦل ستار زنگيجو، وائيس آف خيرپور جي صدر علي احمد ميمڻ ايڊووڪيٽ فياض خميساڻي ڄام محبت سهتو ۽ ٻين پنهنجي ڌار ڌار بيانن ۾ پروفيسر ساجد سومرو جي گرفتاري جي مذمت ڪندي سندس آزادي جو مطالبو ڪيو آهي ساجد سومرو جي گرفتاري تي کاٻي ڌر، ۽ ترقي پسند لڏي ۾ سخت تاء پکڙيل ۽ ڳڻتي نظر اچي آهي مختلف ڌرين پاران ساجد سومرو خلاف ڪيس داخل ٿيڻ کي با اثر ڪاموري احمد سولنگي جي ڪارستاني سمجهيو پيو وڃي