مذهبي عالمن جو مشاورتي اجلاس گهرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد :- وزيراعظم عمران خان، سڀاڻي مذهبي عالمن جو مشاورتي اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ۾ رمضان شريف دوران مسجدون کليل رکڻ ۽ احتياطي تدبيرون يقيني بڻائڻ تي غور ويچار ڪيو ويندو.وزيراعظم هائوس جي ذريعن موجب، وزيراعظم عمران خان مذهبي عالمن جو مشاورتي اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.اجلاس ۾ مفتي منيب الرحمان، مفتي تقي عثماني ۽ ٻين عالمن کي شرڪت جي دعوت ڏني وينديوزيراعظم هائوس جي ذريعن موجب، اجلاس ۾ مسجدون نماز لاءِ کولڻ سميت مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويندو