مديجي ۾ 3 ڏينهن کان گم ڪيل هندو ناري مهڪ ڪماري کي ظاهر ڪيو ويو، پسند جي شادي ڪري ورتي

مديجي :- جيڪب آباد ڀرسان ناري مسلمان ٿيڻ بعد نوجوان سان شادي ڪري ورتي آهي. جيڪب آباد پوليس جو چوڻ آهي ته مديجي واسڻ ناري مهم ڪماري درگاهه امروٽ شريف پهچي مسلمان ٿي وئي آهي، جنهن کانپوءِ هُن جيڪب آباد واسي نوجوان علي رضا سولنگي سان شادي ڪري ورتي آهي. نڪاح نامي موجب مسلمان ٿيڻ کانپوءِ ناري جو نئون نالو عليزه رکيو ويو آهي. واضح رهي ته ناري جي وارثن طرفان سندس اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ناري بيان ڏنو آهي ته هُن رضا خوشيءَ سان اسلام قبولڻ بعد علي رضا سولنگيءَ سان پسند جي شادي ڪئي آهي.