مديجي ويجهو ڳوٺ الهه بخش ۾ وحشي جوابدار 8 ورهين جي معصوم نياڻي کي حوس جو نشانو بڻايو

سکر :-  مديجي ويجهو هڪ ٻي معصوم ٻارڙي وحشي بگهڙ جو شڪار بڻجي وئي. نازڪ حالت ۾ سکر منتقل، مديجي لڳ ڳوٺ الهه بخش ۾ هڪ وحشي جوابدار 8 ورهين جي معصوم نياڻي کي حوس جو نشانو بڻايو، جنهن سبب نينگري جي حالت خراب ٿي وئي، لاڳيتو رت وهڻ ڪري کيس سول اسپتال شڪارپور آندو ويو، جتان ٻارڙي کي سکر ريفر ڪيو ويو، سکر اسپتال انتظاميه به زيادتي جو شڪار معصوم نياڻي کي کڻي آيل سندس امڙ کي لاڙڪاڻي وڃڻ جو چئي ڇڏيو، معاملو ميڊيا تي اچڻ بعد سول اسپتال سکر ۾ نينگري جو علاج جاري رکيو ويو، شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ ۾ نينگري سان زيادتي جي تصديق ڪئي وئي. ٻارڙي جي امڙ مسمات نجمه زال بدر الدين کوسو پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي دانهيو ته منهنجي نياڻي سميه ٻي ٻاڙري سان راند کيڏي رهي هئي ته اوچتو گم ٿي وئي، ڳولا دوران نياڻي واهه مان ملي ۽ کيس رت رت وهي رهيو هو، پڇا ڪرڻ تان نياڻي ٻڌايو ته هڪ شخص کيس کنڀي گهر وٺي ويو، جتي کيس زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ پوءِ کيس واهه ۾ اڇلي ڇڏيو، اسان کي خبر ئي ناهي ته جوابدار ڪير آهي، پر منهنجي ڌيءُ چوي ٿي ته کيس ڏسندي ته سڃاڻي وٺندي. متاثر نينگري جي ماءُ ٻڌايو ته سکر اسپتال وارا چون ٿا ته هتي علاج نه ٿيندو، لاڙڪاڻي وڃو، مڙس به بيمار آهي، ايڏو ظلم ٿيو آهي پوءِ به اسپتال ۾ علاج نه ٿو ڪيو وڃي، غريب ۽ مظلوم ماڻهو آخر ڪيڏانهن وڃن. هن اپيل ڪئي ته واقعي جو نوٽيس وٺي جوابدار کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي ۽ منهنجي نياڻي جو بهتر علاج ڪرايو وڃي.