مخالف ڌر چين ۾ ڦاٿل پاڪستاني شاگردن کي خاص جهاز موڪلي پنهنجي وطن آڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: مخالف ڌر چين ۾ ڦاٿل پاڪستاني شاگردن کي خاص جهاز موڪلي پنهنجي وطن آڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.سينيٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس ٿيو جنهن ۾ نه ليگ جي سينيٽر مشاهدالله خان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته چين ۾ موجود پاڪستاني شاگردن جون مائرون روئي رهيون آهن ۽ هتي اسان مزي سان ويٺا آهيون، اڃان تائين ان حوالي سان حڪومت ڪي به حفاظتي قدم نه کنيا آهن. اسان هر مسئلي مان جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، اهو چوڻ غلط آهي ته اسان پاڪستانين کي چين کان واپس نه آڻينداسين. ڪرونا وائرس هڪ آفت ۽ وبا آهي جنهن سان وڙهڻو پوندو. جماعت اسلامي جي سينيٽر سراج الحق چيو ته هي وقت ڏکيو آهي ان ۾ روئڻ يا گهٻرائڻ بجاءِ حالتن جو مقابلو ڪرڻ گهرجي، هيءَ وبا ان شاءَ الله ختم ٿي ويندي، حڪومت جلد ئي ان معاملي تي هڪ مرڪز قائم ڪري ۽ حڪومت چين ۾ ڦاٿل پاڪستاني شاگردن کي سهولتون ڏئي.