محرابپور ۾ چوريءَ جي الزام هيٺ نوجوان تي وحشياڻو تشدد، سوشل ميڊيا تي ويڊيو وائرل، دڪاندار گرفتار

محرابپور :- محرابپور جي چنا پاڙي ۾ چوري جي الزام ۾ پڪڙيل جوابدار کي قانون جي حوالي ڪرڻ بدران سندس مٿان تشدد ڪرڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ايس ايس پي نوشھروفيروز ڊاڪٽر فاروق اعواڻ جي نوٽيس وٺڻ بعد محرابپور پوليس پڪڙيل جوابدار عرفان چنا خلاف چوري جو ڪيس داخل ڪيو آھي, جڏھن ته تشدد ڪندڙ دڪاندار مسعود چنا خلاف تشدد ڪرڻ جو پڻ ڪيس داخل ڪري لاڪپ کيس ڪري ڇڏيو آھي. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او محرابپور سجاد اڪبر راڄپر  ٻڌايو ته گرفتار ڪيل چوري جو جوابدار 25 سالن کان مٿي جو آھي جنهن کي کٽ سان ٻڌي تشدد ڪيو ويو ھيو جنھن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد دڪاندار خلاف به ڪيس داخل ڪري ان کي لاڪپ ڪيو ويو آھي. ٻئي طرف گرفتار دڪاندار مسعود چنا ٻڌايو ته نوجوان عرفان پاڙي مان اڪثر چوريون ڪندو آھي  پڪڙڻ بعد مان اڪيلي تشدد نه ڪيو آھي ٻيا به ڪيترائي ماڻھو اتي موجوده هئا پر وڊيو فقط منهنجي وائرل ٿي آھي. جنهن ڇوڪري تي چوري جي الزام ۾ تشدد ڪيو ويو آھي ان باري سندس پاڙي وارا ٻڌائين ٿا عرفان عرف پپن چنو عادي چور آھي. جنهن کي سندس پيءُ پڻ لادوا ڪري ڇڏيو ھيو.