مالياتي وسيلن جي ورڇ ۾ وفاق جا خرچ صوبن جي فنڊن مان نه ٿا ڪٽي سگهجن: سنڌ سرڪار

ڪراچي :- سنڌ حڪومت اين ايف سي جي جوڙجڪ بابت نئين نوٽيفڪيشن تي اعتراض واري ڇڏيا آهن،  وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته  اين ايف سي بابت  ٽي او آرز جون ٽي شقون آئين سان ٽڪراءُ ۾ آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، وزيراعظم کي احتجاجن  خط لکيو ويو، جنهن ۾ سنڌ حڪومت جي خدشن بابت آگاهه ڪيو ويو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خط ۾ چيو ته  اين ايف سي بابت  ٽي او آرز جون ٽي شقون آئين سان ٽڪراءُ ۾ آهن. وڏي وزير چيو ته اين ايف سي جا  ٽي او آرز آرٽيڪل 160 جي ذيلي شقون سان ٽڪراءُ ۾ آهن. هن چيو ته قومي منصوبن مان وفاق صوبن جي مالياتي حصن مان ڪٽوتي نٿو ڪري سگهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خط ۾ چيو ته  مالي وسيلن جي ورڇ ۾ وفاق جا خرچ صوبن جي فنڊن مان نٿا ڪٽي سگهجن، اميد ته وزيراعظم معاملي تي نظرثاني ڪندو.