ماضي ۾ ڪيل مهانگن ٺاهن سبب بجلي مهانگي ملي پئي ۽ ملڪ گردشي قرضن ۾ وڪوڙجي ويو: شبلي

اسلام آباد :- شهزاد قاسم سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ واري وزير شبلي فراز چيو آهي ته توانائي شعبي جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ماضي ۾ ڪوشش نه ڪئي وئي، ان جا مسئلا حل نه ڪيا ويا ته وڌيڪ ڏکيائيون ٿينديون، هنن حڪومت سنڀاليندي توانائي شعبي لاءِ ڪم ڪيو. هن چيو ته ماضي ۾ ڪيل مهانگن ٺاهن سبب بجلي مهانگي ملي پئي ۽ ملڪ گردشي قرضن ۾ وڪوڙجي ويو، ڇو ته بنا منصوبن جي پاور پلانٽ لڳايا ويا. شبلي فراز چيو ته مهانگي بجلي خريد ڪرڻ سان واهپيدار ۽ ورڇ ڪندڙ ٻئي متاثر ٿيندا آهن، ٺاهه هڪ طرف کان ختم نٿا ڪري سگهجن، جنهن لاءِ ڳالهيون ڪيون ويون، آءِ پي پيز بابت ڳالهين لاءِ ٽيم جوڙي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته ڊالر جو اگهه وڌڻ سبب بجلي مهانگي پوندي آهي، آءِ پي پيز سان ٿيل ٺاهه جا تفصيل عوام آڏو آندا ويندا، ڪنهن ٺاهه کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته بجلي مهانگي ڪرڻ ڪنهن سياسي حڪومت لاءِ آسان نه آهي، پر اگهه گهٽائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، عوام کي سستي بجلي ڏيڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.