مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي اڄ اٺين ورسي، تقريبون رٿيل

نئون ديرو :- مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي اڄ اٺين ورسي نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي، ورسي تقريب جي شروعات نئون ديرو هائوس ۾ قرآن خوانيءَ سان ڪئي ويندي، جنهن ۾ پيپلزپارٽي جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن شرڪت ڪندا، ورسي جي موقعي تي قرآن خوانيءَ بعد اجتماعي دعا گهري ويندي، جنهن بعد ڳڙهي خدا بخش ۾ سندس آخري آرام گاهه تي حاضري ڀري کيس ڀيٽا پيش ڪئي ويندي.