مادرسنڌ جيجي زرينه بلوچ جي 14 ورسي 25 آڪٽوبر تي سڄي سنڌ ۾ ملھائي ويندي۔

حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته وفاقي حڪومت چشما جهلم کي مستقل ڪئنال ٺاهي سنڌ کي غير آباد ۽ بنجر بنائڻ جي سازش بند ڪري،سنڌ حڪومت فورن سي سي آئي ۾ وڃي۔ ارسا جو ڪردار پاڻي تي ڌاڙن ۾ سھولتڪاري وارو آھي۔ سنڌ جي پاڻ تي ڏيڍ سئو سالن کان ڌاڙا لڳي رھيا آھن۔ جيڪو پاڻي ملي ٿو اھو حڪومي وزير، ايم پي اي ۽ ايم اين اي کڻي وڃن ٿا۔ پاڻي تي ڌاڙن جي ڪري سنڌ جو معاشي قتل ٿي رھيو آھي، لکين ايڪڙ زمين بنجر ٿي وئي آھي۔ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ترجمان اشرف پليجو جي پڌرائي موجب سنڌياڻي تحريڪ جي باني،ڏاديب، استاد ۽ قومي فنڪاره، مادرسنڌ جيجي زرينه بلوچ جي 14 ورسي 25 آڪٽوبر تي سڄي سنڌ ۾ ملھائي ويندي۔ جيجي زرينه ڪالاباغ ڊيم سميت سنڌ دشمن منصوبن ۽ جمھوريت ۽ انساني حقن لاء جدوجھد جي ميدان تي اڳيان اڳيان رھي۔ ھن گيتن ذريعي مظلوم عوام، ھارين، مزدورن کي جاڳايو۔ اشرف پليجي چيو ته قومي عوامي طرفان جيجي زرينه بلوچ جي 14ھين ورسي 25 آڪٽوبر تي سڄي سنڌ ۾ ملھائي ويندي۔ جنھن ۾ اديت، شاعر، فنڪارن سميت سياسي سماجي اڳواڻ شريڪ ٿيندا۔