ماتلي ۾ جيئي سنڌ تحريڪ طرفان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ احتجاج

ماتلي :- سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي بازيابي لاء جيئي سنڌ تحريڪ جي ڪارڪنن طرفان مرڪزي اڳواڻ عبدالخالق خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ سٽي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو , مظاهري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالخالق خاصخيلي جو چوڻ هو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان سنڌ مان قومي ڪارڪنن جو جبري  گمشدگين جو سلسلو جاري آهي جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن فتاح چنا , مسعود شاهه، مهراڻ ميراڻي، الهوڌايو مهر، شادي خان سومرو، حيدر کوسو سهيل رضا ڀٽي سميت سنڌ جي قومپرست جماعتن سان لاڳاپيل ڪيترن ئي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ سان گڏ چچريل لاش ڏنا پيا وڃن جيڪا انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي هنن چيو ته گم ڪيل ڪارڪنن جي گهرن ۾ فاقه ڪشي واري صورتحال ڇانيل آهي اڳواڻن چيف جسٽس ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي جبري گمشدگين جو نوٽيس وٺڻ سان گڏ قومي ڪارڪنن جي بازيابي جو مطالبو ڪيو آهي.