ماءُ جي عالمي ڏهاڙي تي سنڌ ۾ چئن مائرن ۽ هڪ نينگريءَ آپگهات ڪري ڇڏيو

حيدرآباد:- ماءُ جي عالمي ڏهاڙي تي سنڌ ۾ چئن مائرن ۽ هڪ نينگريءَ آپگهات ڪري ڇڏيو. قاضي احمد لڳ ڳوٺ فقير محمد زرداري ۾ 15 سالا ناري خاتو ڌي تڳيو زرداري گهرو اڻبڻت تان جيت ماردوا پي خودڪشي ڪري ڇڏي اطلاع ملڻ تي قاضي احمد  پوليس پھچي لاش پوسٽ مارٽم لاء قاضي احمد اسپتال آندو ويو جتي ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود ڊاڪٽرياڻي ناهي پهتي لاش اسپتال جي سرد خاني ۾ پيل آهي پوسٽ مارٽم ۾ دير ٿيڻ سبب وارث سخت پريشان ڊاڪٽرن جي غيرذميواري جو انتظاميا کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو. کپرو ۾ مائرن عالمي ڏهاڙي تي جنگشاه ڪالوني جي رهواسي ٽن ٻارن جي ماءُ عنبرين زال عرفان راجپوت گهرو اڻڀڻت سبب پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري  ڪنڌ ۾ آنچل ٻڌي پکي ذريعي  آپگهات ڪري ڇڏيو جنهن جو مڙه تعلقه اسپتال آندو ويو جتي ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو مڙه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ٻارڙا پنهنجي ماءُ جي مڙه کي چنڀڙي زارو قطار روئيندا رهيا عورت جي وارثن موجب اهڙي ڪا وڏي ڳاله ڪونه هئي خبر ناهي ڇو عنبرين ڇو آپگهات ڪيو پوليس موجب واقعو خودڪشي ئي آهي وارث ڪا به ڪاروائي نٿا ڪرائڻ چاهين.   گلاب لغاري ويجهو ڳوٺ رحمت الله  آرائين ۾ 40  ورھين جي ڪستوري زال رامچند ڪولھي ٻني تي ڪم ڪرڻ لاء نه نيئڻ تان گھر اندر ڦاھو کائي خود ڪشي ڪري ڇڏي آھي جڏهن ته ناري جي ڏير وينجو ڪولھي ٻڌايو ته ھن جو دماغي توازن درست نه ھو جنهن جو ڪافي سالن کان علاج پڻ ھلي رھيو ھو اڄ مون سميت پاڙي وارين عورتن وونڻن جي گڏ لاء ٻني تي نه ھلن لاء چئي کيس گھر ۾ ڇڏي وياسين ته انھي ڪاوڙ ڪري ھن اھڙو قدم کنيو آهي ـشهدادپور(ن جيجل) شھدادپور ويجهو ڳوٺ مهرعلي ٽالپر واسڻ 3ٻارن جي ماء 33سالا شاهده زوجه مير خاصخيلي گهرو پيشانين سبب پنکي جي ڇت ۾ رسي سان ڳچي ۾ ڦاهو وجهي خودڪشي ڪري ڇڏي. جنهن جي لاش کي سمس اسپتال شهدادپور آندو ويو. جتان لاسش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.ناري جي مڙس ميرل خاصخيلي موجب گهر واري بيمار هئي دماغي توازن صحيح نه هئيس. ڪڏهن ڪڏهن گهران به نڪري ويندي هئي.هوڏاهن ڊاڪٽرياڻي موجب ته گلي ته ڦاهي جا نشان آهن وڌيڪ پوسٽ مارٽم بعد رپورٽ ۾ خبر پوندي.ملدسي پوليس موجب ته واقعي واري هنڌا ڦاهو کاڌل رسو مليو آهي.جانچ ڪري رهيا آهيون. سامارو ۾ ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ ٻن عورتن پاران خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش، ھڪ فوت ٻي کي ڊاڪٽرن بچائي ورتو ـ سامارو لڳ ڳوٺ حاجي جمن راھو واسڻ  شادي شدا ناري شمون زال  ھيمجي ڪولھي گھر ۾ گلي ۾ رسو ٻڌي ڦاھو کائي ڇڏيو جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سامارو جي تعلقا  اسپتال آندو ويو جتي فوت ٿي وئي سندس مڙس ھيمجي  ٻڌايو ته اسان گھر کان ٻاھر ٻني تي ويل ھئاسين پويان گھر واري گلي ۾ رسو وجھي ڦاھو کاڌو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال وٺي آياسين جيڪا فوت ٿي وئي جڏهن ته ھڪ ٻي واقعي ۾ جيمس  آباد تعلقا جي حد ڳوٺ ڏوڏا ميگھواڙ واسڻ شادي شدا ناري شانتي زال رامچند ڪولھي دھر پي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي وارثن اسپتال پھچايو جتي ڊاڪٽرن سندس حياتي بچائي ورتي آهي