ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوا ديا مير ڀاشا ڊيم جي اڏاوت شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد :- وزيراعظم عمران خان جي سڌسماءَ بابت خاص معاون ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوا ديا مير ڀاشا ڊيم جي اڏاوت شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باوجوا چيو آهي ته مان اڄ ديا مير ڀاشا ڊيم جي اڏاوت شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيان ٿو، هن چيو ته هي پاڪستان جي سمورن نسلن لاءِ هڪ تاريخي خبر آهي ۽ گڏو گڏ اسان جي معشيت لاءِ به هڪ مثبت ثابت ٿيندو جنهن سان نه رڳو 16 هزار 500 نوڪريون پيدا ٿينديون پر 4 هزار 500 ميگاواٽ بجلي به پيدا ٿيندي، عاصم سليم باوجود جو چوڻ هو ته هن منصوبي مان 12 لک ايڪڙ زرعي زمين به آباد ٿيندي جڏهن ته تربيلا ڊيم جي زندگي وڌيڪ 35 سال تائين وڌي ويندي.