لنڊن ۾ چڙ ڏياريندڙ تقرير جي الزام ۾ ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين مٿان فرد جرم لاڳو

لنڊن :-  چڙ ڏياريندڙ تقرير جي الزام ۾ ايم ڪيو ايم باني مٿان فرد جرم لاڳو ڪئي وئي آهي.

رپورٽ موجب چڙ ڏياريندڙ تقرير جي الزام ۾ ضمانت ختم ٿيڻ کان پوءِ ايم ڪيو ايم جو باني ٽيون ڀيرو لنڊن جي سدڪ پوليس اسٽيشن ۾ پيش ٿيو جتي هن ٽيون ڀيرو به لنڊن پوليس کي  جواب نه ڏنا.

ذريعن موجب لنڊن پوليس ايم ڪيو ايم  باني کي سوالن جا جواب ڏيڻ  جو مشورو ڏنو هو پر جواب نه ڏيڻ تي ان تي فرد جرم لاڳو ڪئي وئي. ذريعن ٻڌايو آهي ته الطاف حسين تي ڪرائون پراسيڪيوشن سروس فرد جرم لاڳو ڪئي آهي جنهن کان پوءِ کيس ويسٽ منسٽر جي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو جتي ميجسٽريٽ کيس فرد جرم پڙهي ٻڌائيندو ۽ کانئس گهر جو ايڊريس پڇندو جنهن کان پوءِ گرفتاري يا ضمانت جو فيصلو ڪيو ويندو.

واضح رهي ته ايم ڪيو ايم باني تي آگسٽ 2016 ۾ تقرير جي ذريعي ماڻهن  کي تشدد جي ذريعي ڀڙڪائڻ جو الزام آهي. پوليس پوليس کيس هلندڙ سال 11 جون تي چڙ ڏياريندڙ تقرير جي الزام ۾ گرفتار ڪيو هو ۽ هو گذريل مهيني 12 سيپٽمبر تي به ضمانت ختم ٿيڻ کان پوءِ سدڪ پوليس اسٽيشن ۾ پيش ٿيو هو.