لنڊن جي عدالت ۾ جج فون جي گهنٽي وڄڻ تي معافي گهري ورتي

لنڊن (دلچسپ دنيا) هاءِ ڪورٽ جي هڪ جج ان وقت معافي ورتي جڏهن سندس فون تي 1960ع جي هڪ پراڻي رنگ ٽيون وڳي. جج ڊيوڊ هولينڊ ماحولياتي گدلاڻ جي حوالي سان درخواستن تي ٻڌڻي ڪري رهيو جنهن دوران سندس فون تي هڪ رنگ وڳي. ان موقعي تي هن معافي پڻ ورتي ۽ چيو جيڪڏهن اوهان کي برو لڳو ته معافي چاهيان ٿو. اهو گانو آمريڪي بينڊ بوڪر ٽي ۽ ايم جي طرفان ڪيترائي سال اڳ بي بي سي ٽيسٽ ميچ ڪرڪيٽ ڪوريج دوران پيش ڪيو ويو هو. خابرو اداري اسڪاءِ نيوز موجب هي پهريون جج نه هو جنهن جي فون ٻڌڻي دوران وڳي هجي پر ان کان اڳ به ڪيترائي ڀيرا ٽيڪنالاجي سبب عدالتن ۾ ٻڌڻي دوران خلل پيو آهي.