لاڪ ڊائون سبب وڌندڙ بک ۽ بيروزگاري سبب شهر ۾ چورين جو آزار وڌي ويو

هالا :- لاڪ ڊائون سبب وڌندڙ بک ۽ بيروزگاري سبب شهر ۾ چورين جو آزار وڌي ويو آهي شهر ۾ هڪ ئي رات ٻه چوري جون وارداتون ٿيون آهن،هالا جي مين روڊ تي واقعي انيس سروس گيرج مان نامعلوم چور جرنيٽر کڻي ويا،جڏهن ته ٻئي طرف ريلوي اسٽيشن لڳ نامعلوم چور حاجي بخشڻ ڏاهري جو گهر ٻهاري ويا،ان موقعي تي گهر مالڪ ٻڌايو ته چورن گهر۾ رکيل گاڏين ۽ پلاٽن جا ڪاغذ،سولر پليٽون، پکا، گئس جا ٻه سلينڊر ۽ ٻيو سامان کڻي ويا آهن هن وڌيڪ چيو ته واردات جي ھالا ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي آهي سندس چوري جي شڪ ۾ چئن پاڙيوارن مڙو خاصخيلي، وقار ڏاهري، ڪيهر۽ اسلم پنجابي جي پٽن جا نالا لکرايا آهن،جڏھن ته لاڪ ڊائون دوران ڪجهه ڏينهن اڳ سوئي گئس آفيسر نارائڻ داس جي جنرل اسٽور تان چور ديوار۽ شيشا ٽوڙي 80 هزار ڪيش رقم چوري ڪري فرار ٿي ويا هئا. شهر مان موٽرسائيڪلون چوري ٿيڻ پڻ معمول بڻيل آهي. ھالا جي شهرين ۽ متاثر ماڻهن آء جي سنڌ کان شهر ۾ وڌندڙ بدامني جو نوٽيس وٺندي هالا پوليس انتظاميا کان ملوث ۽ پاٿاريدارن خلاف ڪاروائي جي گهر ڪئي آهي.