لاڪ ڊائون دوران متاثر ٿيل ڪاروباري ماڻهو پنهنجن ملازمن کي ڪڍڻ بجاءِ کين پگهارون ڏيڻ لاءِ قرض ورتو وڃي : سعيد غني

ڪراچي :- صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته لاڪ ڊائون دوران متاثر ٿيل ڪاروباري ماڻهو پنهنجن ملازمن کي ڪڍڻ بجاءِ کين پگهارون ڏيڻ لاءِ قرض وٺن. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني اسٽيٽ بئنڪ کي بنا وياج جي قرض ڏيڻ جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته شڪايتون آهن ته ڪجهه ادارن پنهنجن ملازمن کان جبري طور استعيفائون ورتيون آهن. سعيد غني چيو آهي ته سمورا اسڪول مالڪ به ملازمن کي پگهارون ڏيڻ ۽ فارغ نه ڪرڻ جا پابند آهن. صوبائي وزير چيو آهي ته لاڪ ڊائون ۾ نرمي بابت فيصلو اين سي او سي ڪندي. سعيد غني چيو آهي ته وفاق فنڊ جاري نه ڪيا ته بجيٽ متاثر ٿيندي. صوبائي وزير چيو آهي ته فيڪٽريز ملازمن جو رزوگار يقيني بڻائي ڇڏيو آهي. فيڪٽريز مالڪ ملازمن کي نوڪرين مان نه ڪڍن، فيڪٽريز مالڪ بنا وياج تي بينڪن کان قرض وٺن. سعيد غني چيو آهي ته سمورا ادارا ملازمن کي پگهار ڏيڻ جا پابندآهن، جيڪي ادارا پگهارون نه ٿا ڏئي سگهن اهي قرض وٺن. صوبائي وزير چيو آهي ته اسٽيٽ بينڪ ادارن کي بنا وياج تي قرض ڏئي، مسجدن ۽ مدرسن جا بل به معاف ڪيا وڃن. صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته هي وقت بيان بازي جو نه پر گڏيل حڪمت عملي جو آهي .