لاڙڪاڻي ۾ ڪُتن جي ڏاڙهيل ٻارڙن کي ويڪسين نه ملي، احتجاج

لاڙڪاڻو:- لاڙڪاڻي ۾ رولو ڪُتن ٽن ٻارڙن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو، اسپتال ۾ ويڪسين نه ملڻ سبب ڪُتي ڏاڙهيل ٻارڙن جي والدين پاران احتجاجي مظاهرو،  شهر جي ڦُل روڊ واري علائقي ۾ هفتو اڳ ڇتي ڪُتي چڪ هڻي 7 ورهين جي نينگري سنڌو ۽ سنس 3 ورهين جي ڀاءُ بلاول ابڙو کي زخمي ڪري ڇڏيو جڏهن ته ٻنهي ٻارڙن کي ويڪسين نه ملڻ خلاف سندس پيرسن ڏاڏي دانهيندي چيو ته 8 ڏينهن اڳ ڪُتن ٻارڙن کي زخمي ڪيو آهي، اسپتالن جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون پر ڪٿي به ويڪسين نه پئي ملي. هوڏانهن  الله آباد پاڙي واسي پورهيت سيلم شيخ پڻ اينٽي ريبيز ويڪسين نه ملڻ تي احتجاج ڪندي چيو ته منهنجي 4 ورهين جي ڌيءُ عليشا کي  ڪُتن چڪي زخمي ڪيو جنهن کي سول اسپتال ۽ ڪمشنر آفيس ۾ قائم سينٽر تي وٺي وياسين پر ڊاڪٽر ويڪيسين نه هئڻ جو جواز ڄاڻائي کيس موٽائي ڇڏيو. زخمي ٻارڙن جي وارثن سنڌ سرڪار توڙي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته  اينٽي ربيز ويڪسين فراهم ڪري ٻارڙن جي زندگين کي بچايو وڃي.