لاڙڪاڻي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ زخمي ڪيل عورت جي والدين به سار نه لڌي

لاڙڪاڻو :- ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي حد ۾ ڪارنهن جو الزام ڏئي مڙس ۽ سهري پاران قتل ڪرڻ جي ڪوشش بعد زخمي ٿيل عورت جي والدين به سار نه لڌي، عورت جو پوليس پهري هيٺ اسپتال ۾ علاج هلندڙ، پوليس عورت جي مڙس ۽ سهري جو پنجن ڏينهن لاءِ جسماني رمانڊ حاصل ڪري ورتو، ٻنهي ڌرين پاران ٺاهه لاءِ راضپو ظاهر ڪرڻ جا افواهه گردش ڪرڻ لڳا، ڪجهه ڏينهن اندر ٺاهه جا امڪان به آهن. ان سلسلي ۾ ٽي ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي ڀرسان ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڀوت خروس ۾ پرڻيل ڪنوار مسمات ميمان خروس کي ڪارنهن جو الزام ڏيئي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ سندس مڙس دائم خروس ۽ سهري ميهر خروس کي پوليس رتوديرو جي جوڊيشل مئجسٽريٽ ٽو جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي عدالت ٻنهي جوابدارن کي پنجن جي جسماني رماند تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي زخمي ٿيل نئين ڪنوار مسمات ميمان خروس جو علاج چانڊڪا اسپتال جي شعبه حادثات ۾ پوليس جي پهري هيٺ هلندڙ آهي جتي ٽن ڏينهن کان سندس امڙ ۽ پيءُ سار سنڀار لهڻ لاء لڙي ناهن آيا جنهن ڪري عورت مايوسي جو شڪار ٿي وئي آهي. ان حوالي سان مسمات ميمان خروس جو چوڻ آهي ته مون مٿان بي گناهه ڪوڙو الزام هنيو ويو آهي پيءُ جي موجودگي ۾ مڙس دائم مون مٿان ظلم ڪري رهيو هو جنهن جو انتهائي صدمو رسيو آهي اهڙي ظلم ٿيڻ کان پوءِ نه امڙ آئي آهي نه ئي پيءُ سار سنڀار لهڻ آيو آهي جنهن وري پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري رهي آهيان. هن ٻڌايو ته ٻيا ويجها رشتيدار پڇڻ آيا آهن باقي منهنجي امڙ عمراءُ خاتون ۽ ڀائرن صرف فون تي حال احوال ورتو آهي جيڪڏهن مونکي پنهنجا ڀائر ۽ امڙ پنهنجو ڪندا ته انهن وٽ رهنديس نه ته دارالامان وينديس باقي مان پنهنجي پيءُ ۽ مڙس سان ڪڏهن نه رهنديس ڇاڪاڻ جو انهن مان مونکي جان جو خطرو آهي منهنجي زندگي بچائڻ ۾ اهم ڪردار ايس ايڇ او ادا ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي ايس ايڇ او عبدالوهاب مسڻ ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن جو 5 ڏينهن جو عدالتي رمانڊ ملي ويو آهي باقي جيڪي ڪيس ۾ ٻيا جوابدار محمد صالح ۽ خادم روپوش آهن انهن جي گرفتاري لاء ڇاپا هنيا پيا وڃن جلد ئي کين گرفتار ڪيو ويندو. ايس ايڇ او ٻڌايو ته عورت مسمات ميمان جي صحتياب ٿيڻ کان پوءِ ئي کيس عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ پوءِ جيڪو عدالت حڪم ڪندي ان تي عمل ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن جوابدار ڌر ناري کي ٺاهه لاء راضي به ڪري ٿا وٺن ته پوءِ به انهن سان قانوني ڪا به رعايت نه ٿيندي ڇاڪاڻ جو سرڪار طرفان اهڙي واقعي جي ايف آءِ آر داخل ٿيل آهي. ٻئي طرف اِهي به اطلاع مليا آهن ته ناري جي ڀائرن ۽ ٻين رشتيدارن کي جوابدار ڌر ٺاهه لاءِ راڄوڻي جو چيو آهي جنهن ڪري ڪجهه ڏينهن اندر ئي راڄوڻي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ۽ هي به افواهه گردش ڪري رهيا آهن ته ٻنهي ڌرين ٺاهه لاءِ راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي جنهن بعد عورت کي سندس والدين حوالي ڪيو ويندو.