لاڙڪاڻي ۾ کنڀي گم ڪيل پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو جي آزادي لاءِ مظاهرو

لاڙڪاڻو:- لاڙڪاڻي مان ٻيهر کنڀي گم ڪيل ايليمينٽري ڪاليج جي پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو جي آزاديءَ لاءِ وارثن سندس تصويرون ۽ بئنر کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي وارثن بشير احمد، محمد عمران، محمد علي، اعجاز احمد، امتياز علي، اياز علي ڪلهوڙو ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيو ته پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو تعليم دوست ۽ لاڙڪاڻو ايليمينٽري ڪاليج ۾ پروفيسر آهي جنهن هميشه تعليمي ميدان ۾ پاڻ مڃايو پر کيس گذريل سال 28 جون تي سندس شيخ زيد ڪالوني واري رهائشگاهه مان رات دير سان بيگناهه کنڀي گم ڪيو ويو جنهن کي اڄ 7 مهينا 11 ڏينهن ٿي ويا آهن پر ان جي باوجود هو آزاد ٿي نه سگهيو جنهن ڪري سمورا گهر ڀاتي کيس ياد ڪري رهيا آهن پر هن معاملي جو لاڙڪاڻي جي ڪنهن به چونڊيل نمائندي نوٽيس ناهي ورتو. هنن وزيراعظم عمران خان، سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، چيف آف آرمي اسٽاف قمر جاويد باجوه سميت ٻين اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو جي آزاديءَ لاءِ جوڳا قدم کڻي گهر ڀاتين کي وڌيڪ اذيت واري زندگي گذارڻ کان نجات ڏياري وڃي.