لاڙڪاڻي ۾ کنڀي گم ڪيل نوجوان جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻو:- لاڙڪاڻي شهر جي مراد واهڻ پاڙي مان کنڀي گم ڪيل نوجوان جي آزادي لاءِ سندس پيرسن والد طرفان پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ڳوٺ وڏا ڦل جي رهواسي پيرسن عبداللطيف سولنگي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته 22 نومبر 2017ع جي ڏينهن منهنجي نوجوان پٽ اسٽيٽ لائيف جي ملازم غلام مرتضيٰ سولنگي کي شهر جي مراد واهڻ پاڙي مان بيگناھ کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جنهن جو هن وقت تائين ڪو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو. هن چيو ته نوجوان جي کنڀجڻ کان پوءِ سندس امڙ بيمار ٿي گهر ۾ هڪ ئي بستري تي پيل آهن، جڏهن ته اسان سمورا گهر ڀاتي پڻ پريشاني ۽ مايوسي جي ور چڙهيل آهيون، جنهن لاءِ آءُ وس وارن اعليٰ اختيارين کي اپيل ٿو ڪريان ته خدارا معاملي جو نوٽيس وٺي منهنجي نوجوان پٽ کي آزاد ڪري انصاف ڪيو وڃي